سجاول ۾ ارشد شريف ۽ ٻن سنڌي نوجوانن جي قتل خلاف قلم ڌڻين جو احتجاجي مظاهرو

سجاول (ڊ ر) سجاول جي صحافين پاران شھيد صحافي ارشد شريف ۽ ڪراچي جي علائقي مڇر ڪالوني ۾ ٻن سنڌي نوجوانن جي بيگناھ قتل خلاف سورج سجاولي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي سورج سجاولي پريس ڪلب جي صدر اسماعيل سرويچ، حسين آزاد ميمڻ، سليم کوسو، عبدالرشيد خاصخيلي، امتياز ميمڻ، سيد صدام شاھ، عبدالغفار ٻارڻ، نثار سمجيو، وقار غفور ميمڻ، گل محمد ميمڻ ۽ ٻين صحافين چيو تہ صحافي عوام جي حقن جي خاطر سچ ڏيکارڻ ۽ لکڻ لاء پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي ملڪ ۽ ملڪ جي عوام جي پنهنجي قلم سان ترجماني ڪن ٿا، پر هتي سچ لکڻ ۽ ڏيکارڻ ڏوھ بڻجي ويو آهي، سچ لکڻ ۽ ڏيکارڻ وارن صحافين کي چونڊي چونڊي مارايو پيو وڃي۔ هنن چيو تہ شھيد صحافي ارشد شريف بہ حق گوئي سبب پنهنجي جان جوکي ۾ وڌي جنهن سبب کيس پنهنجو ملڪ بہ ڇڏڻون پئجي ويو ۽ نيٺ کيس ٻاهر ملڪ ڪينيا ۾ سچ لکڻ ۽ ڏيکارڻ جي ڏوھ ۾ هڪ مشقوق حادثي ۾ شھيد ڪيو ويو۔ هنن چيو تہ سنڌ جي راجڌاني واري شهر ڪراچي جي سرزمين سنڌي ماڻهن لاء خطرناڪ بڻائي وئي آهي، جتي اڪثر غير قومون هٿان ڪراچي جا اصل وارث سنڌي نوجوان بيگناھ ماريا وڃن ٿا، جنهن جو تازو مثال ڪراچي جي علائقي مڇر ڪالوني ۾ جنوني هجوم هٿان نجي ٽيلي ڪام ڪمپني ۾ ملازمت ڪندڙ ٺٽي واسي نوجوان انجنيئر احمد جاويد ۽ نوشروفيروز واسي نوجوان اسحاق پنهور جو وحشياڻون قتل آهي، جنهن تي سڄي سنڌ سوڳوار آهي۔ هنن چيو تہ اسان شھيد صحافي ارشد شريف ۽ ڪراچي ۾ سنڌي نوجوانن جي بيگناھ قتل جي سخت مذمت ڪريون ٿا۔ سجاول جي صحافين احتجاجي مظاهري ۾ اعلي اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو تہ شھيد صحافي ارشد شريف جي مشقوق قتل جي شفاف جانچ ڪراچي وڃي تہ جئين حقيقتون سامهون اچي سگهن، ۽ ڪراچي ٻن سنڌي نوجوانن کي بيگناھ قتل ڪندڙ  سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري کين سخت کان سزا ڏئي مقتول نوجوانن جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي۔

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں