سنڌ ۾ ڪو به قانون ڪونھي، سڌي ريت مارشلا مڙھيل آھي: رياض چانڊيو

ڪراچي (پ ر) جيئي سنڌ محاذ جو اھم اجلاس زير صدارت پارٽي چيئرمين رياض علي چانڊيو جي ٿي گذريو اجلاس ۾ سنڌ مجموعي صورتحال ٻوڏ جي تباھڪارين انساني حقن جي ڀڃڪڙين مڇر ڪالوني سانحي ۽ چيئرمين جي گھر تي ادارن جي چڙھائي وارن معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ چيو ويو ته سنڌ ۾ ڪو به قانون لاڳو ڪونھي سڌي ريت مارشلا مڙھيل آھي عدالتن کان مٿاھان قتل روز جو معمول بڻيل آھن. جبر ڏاڍ ۽ جبري گمشدگيون عروج تي آھن ظلم جي انتھا اھا آھي ته ھن وقت غير قانوني ترسيل ماڻھو ڪڏھن افغانين جي صورت ۾ ارشاد رانجھاڻي کي روڊ تي سريعام قتل ڪن ٿا ڪڏھن بلاول ڪاڪا کي مارين ٿا تازو بنگالين ۽ برمين مڇر ڪالوني ۾ ايم جاويد ۽ اسحاق پنھور کي بي رحماڻي نموني سنگسار ڪري قتل ڪيو آھي 15 آڪٽوبر تي خيرپور ميرس واسي ڪامران چانڊيو کي افغانين گولين جي بک بڻايو ھاڻي ته قتلن جون ايف آئي آرون به داخل نٿيون ڪيون وڃن ظلم اھو آھي ته مڇر ڪالوني جي گرفتار ڪيل قاتلن وٽان ھتان جو نه شناختي ڪارڊ مليو آھي نه ڪو ٻيو ڪاغذ اھي مڪمل غير قانوني طور ترسيل آھن غير ملڪين لاء ڌرتي جنت بڻائي ڌرتي ڌڻين لاء دوزخ جھڙيون حالتون پيدا ڪيون ويون آھن. ان موقعي تي فيصلو ڪيو ويو ته 1 چيئرمين جي گھر تي سيڪيورٽي ادارن جي غير قانوني چڙھائي انساني حقن جي پامالي 2  ٻوڏ سبب بي گھر ٿيل سنڌ واسين جي بحالي ا۽ کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن ۽ شھرين جي واپسي وارن نڪتن تي  پھرين مرحلي ۾ ايندڙ 4,  5 ۽6 نومبر تي   سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو ٻيو مرحلو 11نومبر کان 13 نومبر تائين جاري رھندو جنھن دوران مختلف احتجاجي شيڊول ترتيب ڏنا ويندا اجلاس ۾ جيئي سنڌ محاذ جو جنرل سيڪريٽري عابد حسين حيدري . نيشنل ڊيموڪريٽ پارٽي جي مرڪزي صدر ممتاز علي بروهي . ڊويزن صدر شوڪت علي سومرو نثار چانڊيو .سليم حاجاڻو. شيب پنهور فقير بشير شابراڻي . عامر تنيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں