گکڙ (م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اسان جي تحريڪ اسلام آباد پهچڻ کانپوءِ به ختم نه ٿيندي، جيستائين نيون چونڊون نٿيون ٿين، تحريڪ جاري رهندي. هن چيو ته چونڊن جي تاريخ نه ملي ته 10 مهينن تائين به هي تحريڪ جاري رکي ويندي. پنجاب جي علائقي گکڙ ۾ لانگ مارچ کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته شريف خاندان جا سمورا چور آجا ٿي ويا، آصف زرداري خلاف به ڪيس ختم ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن،. ان جو ذميوار ڪير آهي؟ هن چيو ته هڪ وڏي چور کي به اين آر او ملڻ وارو آهي، سڀ خبر آهي ته چورن کي اسان جي مٿان ڪنهن مڙهيو. عمران خان وڌيڪ چيو ته جيڪي نيب کي ڪنٽرول ڪندا هئا، اُنهن ئي موجوده حڪمرانن کي مڙهيو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته وزيراعظم هئڻ باوجود نيب منهنجي هٿن ۾ نه هو، نيب ڪنٽرول ڪرڻ وارن چورن کي بچايو. لانگ مارچ جي ڇهين ڏينهن ڪارڪنن کي خطاب ڪندي عمران خان خان چيو ته ساڍا ٽي سال اقتدار ۾ هئس ۽ پوري ڪوشش ڪئي ته ٽيهه سال ملڪ کي لٽڻ وارن ڌاڙيلن کي سزا اچي، نيب اسان جي هٿ وس نه هيو، جيڪي نيب کي ڪنٽرول ڪري رهيا هئا انهن کين بچايو، جڏهن کان هي چور مڙهيا ويا آهن بجلي مهانگي ٿي وئي آهي، چورن کي اقتدار جي ڪُرسي تي ڪنهن ويهاريو آهي؟ عمران خان چيو ته شهباز شريف جن چئن شاهدن جي نالن تي 16 ارب ورتا اهي سڀ لاڏاڻو ڪري ويا، راڻا ثناءُ الله جي ڪرپشن، جي جاچ ڪندڙ آفيسر آپگهات ڪري ڇڏيو، ڪنهن انهن ماڻهن جي جاچ نه ڪئي، اقتدار ۾ ايندڙ هاڻ هر ڪيس مان آجا ٿي رهيا آهن، مريم جو پيءَ به اچڻ جون تياريون ڪري رهيو آهي، زرداري جا ڪيس پڻ ختم ٿي رهيا آهن. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته جيستائين معاشري ۾ انصاف نه ٿيندو اتي خوشحالي نه ايندي، انصاف جي عدم فراهمي اسان جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي، شهباز شريف کي 16 ارب رُپين جي ڪرپشن ڪيس ۾ سزا ملڻ واري هئي کيس بچايو ويو، جيستائين انصاف نه ٿيندو اسان جو ملڪ ترقي نه ڪندو. سندس چوڻ هو ته اسان پاڪستان جي ميچ کٽي چڪا آهيون، اسلام آباد ۾ اهي ويٺا آهن جن جي هٿ وس ڪجهه ناهي، مارچ اسلام آباد ڏانهن وڌي رهيو آهي، ” ڪانپين ٽانگ رهي هين“ پگهر نڪري رهيا آهن، پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو آزادي نظر اچي رهي آهي، اسان قانون جي حڪمراني حاصل ڪري ملڪ کي آزادي ڏيارڻي آهي، انصاف ٿيندو ته خوشحالي ايندي. هن چيو ته سوال اهو آهي ته ڪير آهي جيڪو اسان جي آزادي کسڻ چاهي ٿو؟ ڪير آهي جنهن اعظم سواتي کي سندس پوٽن اڳيان ماريو، کيس ڪپڙن کان آجو ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ويو؟ اهي ڪير آهن جيڪي ايف آءِ اي کي حڪم ڏئي رهيا آهن؟ اهي ڪير آهن جيڪي شهباز گل کي اگهاڙو ڪري مٿس تشدد ڪيو ؟ اهو ڪير آهي جيڪو چوي ٿوته پي ٽي آءِ کان پري رهو نه ته اوهان جو حشر خراب ڪري ڇڏينداسين؟ ڪير به غلط فهمي ۾ نه رهي اسان جي تحريڪ اسلام آباد وڃي ختم ٿيندي، اسان جي تحريڪ ڏهن مهينن تائين هلندي رهندي، جيستائين چونڊون نٿيون ٿين.
