اسلام آباد ( بيورو ) سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کان 25 هين مئي واري واقعن تي جواب طلب ڪري ورتي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ پنج رڪني بئنچ عمران خان خلاف توهينِ عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي ان سلسلي ۾ سپريم ڪورٽ بار جو صدر احسن ڀون ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان رمارڪس ۾ چيو ته عدالت نوٽيس جاري نه ڪيا هئا، رڳو جواب گهريا هئا، جوابن جو جائزو بعد ۾ ورتو ويندو، پهريان حڪومتي وڪيل جو موقف ٻڌي وٺون ٿا. ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان عدالت کي ٻڌايو ته عمران خان تفصيلي جواب لاءِ وقت گهريو آهي، هن ڪنهن به قسم جي خاطري کان اڻڄاڻي ظاهر ڪئي آهي، عمران خان جواب ۾ عدالتي حڪمن کان به اڻڄاڻائي جو اظهار ڪيو آهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته عمران خان طرفان خاطري ڪرائي وئي هئي، فيصل چوڌري موجب اسد عمر کي هدايت ملي هئي، فيصل چوڌري موجب سندس عمران خان سان رابطو نه ٿي سگهيو هو، بابراعواڻ موجب عمران خان جو نالو ڪنهن وڪيل نه ورتو هو. چيف جسٽس سوال ڪيو ته 25 هين مئي تي پهرين ۽ ٻئي عدالتي حڪمن ۾ ڪيتري دير جو فرق آهي؟ ان تي ايڊيشنل اٽارني جنرل جواب ڏيندي چيو ته پهريون حڪم يارنهن وڳي ڏنو ويو جڏهن ته ٻيو حڪم 6 وڳي، ان تي چيف جسٽس چيو ته ٻنهي حڪمن جي وچ وارو وقت هدايتون وٺڻ لاءِ ئي هو، عدالت کي نه ٻڌايو ته هدايت ڪنهن کان ورتي وئي آهي، جيڪڏهن ڪنهن سان ڳالهه ٻول نه ٿي هئي ته عدالت کي ڇو نه ٻڌايو ويو؟ ان معاملي تي وضاحت ته ڏيڻي پوندي. جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏنا ته عمران خان کي عدالتي حڪمن جو پتو ڪيئن پيو؟ خاطري پي ٽي آءِ جي اعليٰ قيادت طرفان ڪرائي وئي هئي، پي ٽي آءِ جي اعليٰ قيادت جي شروعات عمران خان کان ٿئي ٿي، عمران خان تفصيلي جواب لاءِ وقت گهريو آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته 10هزار ماڻهو گهرائي 2 لک ماڻهن جي زندگي عذاب نه ٿي بڻائي سگهجي، فيض آباد ڌرڻي دوران ايمبولنس ۾ ماڻهو مري ويا هئا، جمهويت کي مڃيندڙ اهڙو احتجاج ناهن ڪندا، جيڪو ڪجهه 25 هين مئي واري ڏينهن ٿيو ٻيهر نه ٿيڻ گهرجي، اسان پنهنجو قلم آئين خلاف استعمال ڪرڻ نه ڏينداسي، هن ڪيس ۾وڏي صبر جو مظاهرو ڪري رهيا آهيون، عدالت وٽ موجود مواد موجب عمران خان کي نوٽيس ٿيڻ گهرجي. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته عدالت پهريان ملڪيتن کي نقصان نه رسائڻ جو چيو، ايڇ نائين کان اڳتي اچڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي پر ٻن وڪيلن جي ذريعي عدالت کي ورغلايو ويو ، 25 مئي وارن واقعن تي هڪ جج پنهنجي حڪم ۾ عمران خان خلاف ڪارروائي جو چئي چڪو آهي، ان باوجود عمران خان کي وضاحت پيش ڪرڻ جو موقعو ڏئي رهيا آهيون. جسٽس اعجاز الحسن چيو ته تحريڪ انصاف عدالتي حڪم جو غلط استعمال ڪيو، عدالت پي ٽي آءِ قيادت ۽ ڪارڪنن کي تحفظ ڏنو هو،عدالتي حڪم تي حڪومت رڪاوٽون هٽايون. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ عمران خان کان 25 هين مئي وارن واقعن تي پنج نومبر تائين جواب طلب ڪندي چيف جسٽس پاڪستان چيو ته جواب تي عمران خان جي صحيح لازمي هئڻ گهرجي.
