عمران نيازي رياست سان کيڏي رهيو آهي ۽ ادارن خلاف زهر اوڳاڇي رهيو آهي: جاويد لطيف

لاهور (م ڊ) وفاقي وزير جاويد لطيف چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو اعتراف ڪندا ته هنن نواز شريف کي هٽائي سٺو ڪم نه ڪيو. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير جاويد لطيف چيو ته بدقسمتي سان پاڪستان ۾ هڪ اهڙو ڏڦيڙ بيٺو آهي جنهن ڪو موقعو ضايع ناهي ڪيو، پاڪستان جي معيشت کي تباهه ڪيو ويو، عمران نيازي رياست سان کيڏي رهيو آهي، ۽ ادارن خلاف زهر اوڳاڇي رهيو آهي، ڇا عمران خان کي ائين کيڏڻ جي اجازت ڏني پئي ويندي. هن چيو ته ٻارن ۽ ٻارڙين کي خوني مارچ ۾ آندو پيو وڃي، رياست آئين جي پاسداري ڪندڙ سان ڳالهيون ڪندي آهي،  اسان کي خبر آهي عمران خان اسلام آباد جي ڀرپاسي پالننگ ڪئي آهي، اسان ان ڏينهن خوشخبري ڏينداسين، اسان جي علم ۾ آهي ته ڪٿان کان فنڊنگ ٿي رهي آهي. جاويد لطيف جو چوڻ هو ته ڪنهن پردي پٺيان عمران خان سان نه رابطو آهي ۽ نه ڪنداسين، هن ڪو اهڙو موقعو وڃڻ ناهي ڏنو جنهن سان ملڪ کي نقصان پهچي، عمران خان ملڪ ۾ صدارتي نظام جي ڪوشش ڪئي، کيس پهريون لغام وڌو وڃي ها ته هي نوبت نه اچي ها. هن وڌيڪ چيو ته ڳالهيون آئيني حدن ۾ قومي پارٽين ۽ ليڊرشپ سان ٿينديون آهن، ڪنهن هٿياربند جٿي يا ٽولي جي بليڪ ميل ڪرڻ سان رياست بليڪ ميل نٿي ٿي سگھي، اسان جٿن لاءِ فيس سيونگ نه ڏينداسين، جيڪڏهن اڄ ان جٿي سان ڳالهيون ڪيون ويون ته اڳتي لاءِ به راستا کلي ويندا، رياست بليڪ ميل ٿي ڳالهيون نه ڪندي، ڇا هاڻ عمران خان کي هر هر گنجائش ڏني پئي ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں