ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ميرپورخاص جي عدالت ۾ ٽائون ٿاڻي جي ايس ايڇ او مير محمد ڪيريو ۽ ساڻس گڏ خانگي گارڊ پاران وڪيل افضل ڪريم کي سندس گاڏي مان لاھي مبينا بدتميزي واري عمل خلاف اڄ ٻي ڏينهن به ڊسٽرڪٽ بار جي سڏ تي وڪيل برادري پاران عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري ڊسٽرڪٽ بار جي صدر شوڪت راھمون جي اڳواڻي ۾ بار آفيس کان ريلي ڪڍي ڪورٽ جي مک گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو. ان موقعي تي مظاهري کي خطاب ڪندي وڪيل اڳواڻن شوڪت راھمون ، وڪيل افضل ڪريم، وڪيل منو مل ميگھواڙ، عبدالحفيظ مري۽ ٻين چيو ته ڪورٽ جي احاطي۾ پوليس عملدار خانگي ماڻھن سان گڏ وڪيل افضل ڪريم کي گاڏي مان لاھي گاڏي جي تلاشي وٺڻ دوران بدتميزي ڪرڻ واري عمل جي سخت مذمت ڪريون ٿا ڪورٽ جي احاطي۾ ھڪ وڪيل سان اھڙو عمل ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو پوليس عملدار جي اھڙي عمل خلاف ڊسٽرڪٽ بار ميرپورخاص ء سنڌ بار ڪائونسل پاران قرار داد پاس ڪرڻ باوجود اڃا تائين ايس ايس پي ميرپورخاص پاران ان ايس ايڇ او کي ھٽايو نه ويو آهي. ھنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيستائين ايس ايڇ او کي معطل ڪري ايس ايڇ او سميت ساڻس گڏ خانگي ماڻھن خلاف ڪيس داخل نه ڪيو ويندو تيستائين عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ جاري رھندو.
