نوابشاهه ۾ افضل لنڊ کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف وارثن جو مظاهرو

نوابشاھ(ڊ ر) 12 ڏينھن اڳ انٽري ٽيسٽ جي تياري لاءِ ويل خيرپور ناٿن شاهه جي ڳوٺ ڪريم داد لنڊ جي رھواسي نوجوان محمد افضل لنڊ کي حيدرآباد مان جبري طور کنڀي گم ڪرڻ خلاف سندس امڙ شھزادي خاتون، ڀاءُ محمد وسيم لنڊ، فرحان لنڊ، ڀينرن ثمرين، ملائيڪا، قومي ڪارڪن فقير شبير لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ٻئي ڏينهن به نواب شاھه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته محمد افضل لنڊ جيڪو ڳوٺان انٽري ٽيسٽ جي تياري لاءِ حيدرآباد ويو ھو جتي ھو ايم بي ھاسٽل تي رھندو ھو جتان ڪجھه نامعلوم ماڻھو پوليس سان گڏ اسان جي نوجوان محمد افضل لنڊ کي ھاسٽل تان زبردستي گرفتار ڪري کي گم ڪري ڇڏيو آهي، ھنن چيو ته محمد افضل لنڊ ھڪ پڙھيل لکيل نوجوان آھي ان کي اھڙي طرح سان کنڀي گم ڪرڻ انتھائي شرمناڪ عمل آهي، ھنن چيو ته محمد افضل لنڊ تي جيڪڏهن ڪو ڪيس آھي ته ان کي پاڪستان کي قانون ۽ آئين مطابق عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، ھنن مطالبو ڪيو ته اسان جي نوجوان کي جلد کان جلد ظاھر ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں