نوشهروفيروز(ڊ ر) نوشهروفيروز ۾ پي ايف يو جي مرڪزي سڏ تي شهيد صحافي ارشد شريف جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ اين ايف يو جي پاران پريس ڪلب تي ڪارو جهنڊو چاڙهي صحافين جي وڏي انگ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي زاهدقائمخاني،زاهدراڄپر،مظهرخاصخيلي،وقارراڄپر،ساجدجويو،فقيرميهربيهڻ ،راڻا رياض الحسن ۽ ٻين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻي ڪندڙن چيو ته ناليوارو صحافي ارشد شريف ملڪ جي مظلوم ماڻهن جو آواز بلند ڪرڻ کان نه مڙڻ عيوض شهيد ڪيو ويو آهي. هن پنهنجي زندگي ۾ ملندڙ ڌمڪين جي خلاف سموريون شڪايتون وڊيو ۾ رڪارڊ ڪري ڇڏيون آهن جن جي تحت اسان سمورو صحافي اقوام متحدا کان جاچ ڪرائڻ جو مطالبوٿا ڪريون جئين ارشد شريف کي قتل ڪندڙ ۽ انهن جي پويان لڪيل هٿ مڪمل ظاهر ٿي وڃن جڏهن ته پاڪستان اندر سپريم ڪورٽ جي ججن تي جڊيشنل ڪميشن جوڙي وڃي جنهن پاران 15 ڏينهن ۾ رپورٽ جاري ڪئي وڃي جئين ارشد شريف جي اصل قاتلن کي سزا اچي سگهي ٻئي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو.
