ڄامشورو: سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينيٽ جو 35هون اجلاس، ٽن مالي سالن جي بجيٽ منظوري

ڄامشورو (پ ر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سينيٽ جو 35هون اجلاس چانسلر پاران نامزد ڪيل پرو چانسلر ۽ صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو، جنهن ۾ گذريل ٽن مالي سالن 2021-2020ع، 2022-2021ع ۽ 2023-2022ع جي بجيٽ جي منظوري ڏني ويئي، جڏهن ته مالي سال 2014-2013ع، 2015-2014ع، 2016-2015ع، 2017-2016ع، 2018-2017ع، 2019-2018ع ۽ 2020-2019ع جي بجيٽ جي ڇنڊڇاڻ توڙي مڪمل چڪاس بعد ايندڙ اجلاس ۾ منظور ڪرائڻ جو اختيار وائيس چانسلر کي ڏنو ويو. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سينيٽ جو 35هون اجلاس وائيس چانسلر سيڪريٽريٽ ۾ واقع سينيٽ هال ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ 22 مارچ 2013ع ۾ ٿيل سينيٽ جي 34هين اجلاس جي فيصلن جي منظوري ڏني ويئي. اجلاس ۾ چانسلر ۽ وڏي وزير پاران سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ فئڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي قيام لاءِ کنيل قدم کي به نوٽ ڪيو ويو. اجلاس ۾ گذريل 10 مالي سالن جي بجيٽ منظوريءَ لاءِ پيش ڪئي ويئي، جنهن ۾ هائوس گذريل ٽن 2021-2020ع، 2022-2021ع ۽ 2023-2022ع جي بجيٽ جي منظوري ڏني، جڏهن ته باقي ستن مالي سالن جي بجيٽ کي چڪاسڻ، جائزو وٺڻ يا ڪا به ڪميٽي وغيره ٺاهڻ جو اختيار وائيس چانسلر کي ڏنو ويو. اجلاس ۾ گريڊ 2 کان گريڊ 16 تائين جي ملازمن جي هڪ هزار رپيا يوٽيلٽي الائونس به منظور ڪيو ويو. اجلاس ۾ ليو انڪيشمينٽ وارو معاملو سينيٽ جي اجلاس جي ريفرنس سان وڌيڪ منظوريءَ لاءِ چانسلر کي موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته ليو انڪيشمينٽ جو نالو عيد الائونس طور تجويز پڻ ڪيو ويو. اجلاس ۾ ٻين يونيورسٽين جي طرز تي گريڊ 2 کان 22 تائين جي ملازمن کي ميڊيڪل الائونس جي به منظوري ڏني ويئي. اجلاس ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ملازمن لاءِ سڄي سروس دؤران عمري يا حج جي موڪل 90 ڏينهن مقرر ڪئي ويئي، جيڪي سعودي عرب هڪ چڪر يا وري مختلف چڪرن ذريعي ڄاڻايل موڪلن جو فائدو وٺي سگهن ٿا. اجلاس ۾ جنرل ۽ ايڪس ڪيڊر آفيسرن جي اڳين گريڊن ۾ ٽائيم اسڪيل واري پاليسيءَ وارو ڪيس ٻيهر سينڊيڪيٽ کي موڪليو ويو. سينيٽ جي اجلاس۾ گريڊ 21هين جي پروفيسر کي گريڊ 22 ۾ ميريٽوريس پروفيسر طور ترقيءَ جي نئين سري سان جوڙيل قانون جي به منظوري ڏني ويئي. اهڙيءَ طرح سنڌ يونيورسٽي ڪمئپس ٺٽي ۾ سينٽر فار ڪوسٽل اينڊ ڊيلٽڪ اسٽڊيز جي قيام جي پڻ منظوري ڏني ويئي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي ايلسا قاضي ڪئمپس حيدرآباد ۾ منسٽري آف انفارميشن اينڊ ٽيليڪميونيڪيشن اسلام آباد، حڪومت پاڪستان جي اداري اگنائيٽ جي سهڪار سان نيشنل انڪيوبيشن سينٽر جي قيام واري مفاهمت جي يادداشت جي به منظوري ڏني ويئي. اجلاس ۾ وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو هائوس کي يونيورسٽيءَ جي خرچن، سالياني بجيٽ، فين، شاگردن کي فراهم سهولتن، هاسٽلن ۽ ٽرانسپورٽ سميت هر معاملي کان تفصيلي آگاهي ڏني ۽ گذريل ٽن چئن سالن دؤران يونيورسٽيءَ جي گرانٽ وڌائڻ تي سنڌ حڪومت جا ٿورا پڻ مڃيا ۽ وفاقي حڪومت کان فوري طور بيل آئوٽ پئڪيج ڏيڻ جو به مطالبو ڪيو. اجلاس جي شروعات ڪلام پاڪ جي تلاوت سان ٿي، جنهن جي سعادت ڊاڪٽر نعمت الله شاهه حاصل ڪئي، جنهن بعد ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ 2013ع کان هيل تائين فوت ٿيل پروفيسرن ۽ ملازمن جي مغفرت لاءِ اجتماعي دعا ڪرائي. اجلاس جي ڪارروائي رجسٽرار ڊاڪٽر غلام محمد ڀٽو هلائي. جڏهن ته پي وي سي ٺٽو ڪئمپس ڊاڪٽر رفيق احمد ميمڻ، پي وي سي دادو ڪئمپس ڊاڪٽر غلام سرور ڳچل، ايڇ اي سي جو نمائندو ڊاڪٽر الطاف شيخ کان سواءِ مختلف ڪئمپسز جي فوڪل پرنسز ۽ ڊينز سميت تقريبن 124 ميمبرن شرڪت ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں