ڄامشورو(پ ر) مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي ڪيميڪل انجنيئرنگ شعبي پاران فائنل ايئر جي شاگردن جي تحقيق تي مبني پوسٽرس جي نمائش منعقد ڪئي وئي، نمائش ۾ ڪراچي، ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد جي ڪمپنين ۽ صنعتي ادارن جي مالڪن ۽ سربراهن سميت مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي شاگردن کان سندن تحقيق متعلق سوال ڪيا جن جا شاگردن ۽ شاگردياڻين مطمئن ڪندڙ جواب ڏنا. ان موقعي تي خطاب ڪندي مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي چيو ته، شاگردن کي مارڪيٽ ۾ پنهنجي ڪم ۽ تحقيق کي وڪرو ڪرڻ جو هنر سکڻو پوندو، جيڪي جديد دور جي مارڪيٽ جون گهرجون آهن، انهن لاءِ پاڻ کي تيار ڪرڻو پوندو. وائيس چانسلر چيو ته مهراڻ يونيورسٽي ۾ شاگردن جي سکيا لاءِ جيڪي سرگرميون ٿين ٿيون، شاگردن کي انهن جي اهميت کي سمجهڻ گهرجي. هن چيو ته صنعتي ادارن ۽ ڪمپنين جا مالڪ ۽ مئنيجر اهڙي تحقيق چاهين ٿا جيڪا انهن جا مسئلا حل ڪري ۽ شاگردن کي انهن مسئلن سان جڙيل تحقيق تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي چيو ته صنعتي ۽ اعليٰ تعليمي ادارن جو پاڻ ۾ تعلق ويجهو هئڻ گهرجي پر اسان وٽ بدقسمتي سان ائين ناهي. هن چيو ته مهراڻ يونيورسٽي جي هر شعبي ۾ شاگردن جون پروفيشنل باڊير ۽ سوسائٽيز آهن، هن چيو ته ڪيميڪل انجنيئرنگ شعبي جي آمريڪن ڪيميڪل سوسائٽي دنيا جي مقبول پروفيشنل باڊيز ۾ شمار ٿئي ٿي ۽ مهراڻ يونيورسٽي جي ڪيمڪيل انجنيئرس کي انهي باڊي جو حصو ٿيڻ تي فخر ٿيڻ گهرجي. ان موقعي تي ڳالهائيندي مهراڻ يونيورسٽي جي ڪيمڪيمل انجنيئرنگ شعبي جي چيئرپرسن پروفيسر ڊاڪٽر خديجـ قريشي چيو ته پوسٽرس جي نمائش سان صنعتي ادارن جي مالڪن ۽ مئنيجرن کي شاگردن جي تحقيقي ڪم کان واقفيت ملي آهي ۽ اميد ٿي ڪجي ته هي شاگرد ڪمپنين ۽ صنعتي ادارن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ پنهنجون صلاحيتون ڪم آڻيندا. هن چيو ته مهراڻ يونيورسٽي چيپٽر آمريڪن ڪيميڪل سوسائٽي جي نئين باڊي چونڊجي آئي آهي، جنهن جي ذريعي پڻ هتان جي شاگردن کي دنيا سان ڳنڍجڻ جو موقعو فراهم ٿيندو. هن چيو ته ڪيميڪل شعبي پاران شاگردن کي انٽرنشپ ڏياري وڃي ٿي، انهن کي سکڻ ۽ پڙهڻ جا بهترين موقعا فراهم ڪيا ٿا وڃن. تقريب ۾ مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر آمريڪن ڪيميڪل سوسائٽي مهراڻ يونيورسٽي چيپٽر جي نئين چونڊجي آيل باڊي کي حلف پڻ کڻايون. تقريب جي پڄاڻي تي ڪيمڪيل شعبي جي پروفيسر ڊاڪٽر انعام ڀٽي ڪراچي، حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي مان آيل مختلف ڪمپنين ۽ صنعتي ادارن جي مالڪن ۽ مئنيجرن جا ٿورا مڃيا.
