چڙ ڏياريندڙ تقرير واري ڪيس مان فاروق ستار ۽ وسيم اختر سميت متحده جا 8 اڳواڻ بري

ڪراچي ( بيورو ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ايم ڪيو ايم اڳواڻن خلاف  چڙڏياريندڙ تقرير بابت 3 ڪيسن جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. دهشتگردي ٽوڙ عدالت ايم ڪيو ايم اڳواڻن خلاف چڙ ڏياريندڙ تقرير بابت ٽن ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آھي ڪراچي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪيسن مان فاروق ستار، وسيم اختر، عامر خان، رئوف صديقي سميت 8 ايم ڪيو ايم اڳواڻن کي بري ڪري ڇڏيو آهي. پوليس موجب جوابدارن خلاف ملير سٽي، سچل ۽ بريگيڊ ٿاڻي ۾ 2016ع ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا هئا مٿن ايم ڪيو ايم باني جي چڙڏياريندڙ تقرير ۾ سهولتڪاري جو الزام هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں