ڪراچي ۾ ٻن سنڌي نوجوانن جي قتل خلاف پکو ۾ جسقپ جو مظاهرو

پکو(ن س) پکو ۾ ڪراچي جي علائقي مڇر ڪالوني ۾ بنگالين ۽ افغانين هٿان بي گناه سنڌي نوجوانن جي بي رحماڻي قتل ۾ ملوث دهشتگرد قاتلن جي گرفتاري لاء جيئي سنڌ قومپرست پارٽي پاران مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ دودوديشي جي اڳواڻي ۾احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهري ۾ قومپرست ڪارڪنن علي گل انقلابي راڻو ڀائي مدني سومرو معشوق مغيري عاشق کچي ڪاشف کچي ۽ ٻين ڪارڪنن شرڪت ڪري سخت نعري بازي ڪئي مظاهري کي خطاب ڪندي جسقپ اڳواڻ دودو ديشي چيو ته ڪراچي ۾ ڌارين هٿان بيگناه سنڌي نوجوانن جي قتل ثابت ڪري ٿو ته حڪومت نالي ڪا به شي جو وجود ناهي لاقانونيت سبب ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين شھرن ۾ ڌرتي ڌڻي بي دردي سان ماريا وڃن ٿا حڪومت ٻوڏ متاثرين جو مال ڦٻائڻ ۾ مصروف آھي جڏهن ته سنڌ حڪومت عوام جو تحفظ ڪرڻ ۽ امن امان بحال ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آھي اسين مطالبو ڪيون ٿا ته سنڌ مان سمورن ڌارين کي نيڪالي ڏئي مڇر ڪالوني واقعي ۾ ملوث سمورا جوابدار گرفتار ڪري امن امان بحال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ قومپرست ڌرين کي سڏ ڏئي ڌارين جي رستا روڪ ڪئي ويندي .

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں