بدين(رپورٽ: مرتضيٰ ميمڻ) 2007ع تي ڪراچي ۾ ڪار ساز سانحي واري بم ڌماڪي ۾ ذهني توازن وڃائيندڙ ٽنڊوباگو شھر جي پ پ جيالي مرحوم محمد حنيف ملاح جي معصوم نياڻين گل بانو، نسيم، پٽن محمد رحيم، ابراهيم ۽ ڀاءُ رمضان ملاح اٺين ڏينهن به ٽنڊوباگو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ٻه ڪلاڪ علامتي بک هڙتال ڪئي. هنن چيو ته اٺ سال گذري ويا آهن پر پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپر پاران حنيف ملاح لاءِ اعلان ڪيل ٻه نوڪريون، گهر ۽ حنيف ملاح جي ٻارن جي پڙهائي واري خرچ ڀرڻ تي ڪوبه عمل نه ٿيو آهي. هنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي ته سندس پاران ڪيل اعلان تي عمل ڪري سندن مدد ڪئي وڃي.
