ڪوٽ غلام محمد (ن س) تعلقه اسپتال آڏو ڪورونا رسڪ الائونس، سروس اسٽريڪچر ۽ ٽائم اسڪيل جي بحالي لاءِ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي ملازمن جو احتجاجي مظاھرو اسپتال ۾ او پي ڊي جو مڪمل بائيڪاٽ,شديد نعريبازي علاج لاء ايندڙ غريب مريضن کي پريشانيون پيش اچن پيون. ڪوٽ غلام محمد جي تعلقه اسپتال آڏو پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي ملازمن ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي رسڪ الائونس سروس اسٽريڪچر, ٽائيم اسڪيل جي بحالي لاء ڊاڪٽر ڀيمون مل , شفقعت قائمخاني, ڊاڪٽر رابيل, ڊاڪٽر سليم, ڊاڪٽر حنيف پٺاڻ لالا ھارون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو شديد نعريبازي ڪئي وئي جڏھن ته پيرا اسٽاف جي ملازمن جائز مطالبن جي بحالي لاء اسپتال ۾ او پي ڊي جو مڪمل طور بائيڪاٽ پڻ ڪري ڇڏيو آھي جنھن سبب علاج لاء ايندڙ سوين غريب مريضن کي پريشانيون پيش اچي رھيون آھن ان موقعي تي اڳواڻن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيستائين حڪومت طرفان اسان جا ڄاڻايل جائز مطالبا بحال نه ڪيا ويندا تيستائين سڄي سنڌ سميت ڪوٽ غلام محمد ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف جي ملازمن جو احتجاجي جاري رھندو.
