اڏيرو لال ڀرسان گهارو بند نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو

اڏيرولال(ن س) اڏيرولال لڳ کورکاڻي شاخ کي ڳوٺ رحيم کورکاڻي وٽان ٻن هنڌن تان 20 فوٽ گهارو، ڳوٺ رحيم کورکاڻي سميت ڪيترن ئي ايڪڙن تي بيٺل فصل پڻ پاڻي هيٺ اچي ويا، اطلاع باوجود ايريگيشن عملدار نه پهتا، گهارو بند نه ٿي سگهيو. ڳوٺاڻن جو رحمت الله کورکاڻي، گل حسن، راوت، رشيد کورکاڻي جو ايريگيشن عملدارن خلاف احتجاجي مظاهرو. ايريگيشن عملدارن رشوت جي بازار گرم ڪري ڇڏي آهي، بااثر زميندارن کان رشوت وٺي رات جي وقت شاخ کولي وڃي ٿي. اسان جا اڳ ئي برسات سبب فصل تباهه ٿي چڪا آهن ۽ اڃان تائين ڳوٺ برسات جي پاڻي ۾ ٻڏل آهن. هنن چيو ته رهيل ڪسر به ايريگيشن عملدارن پوري ڇڏي آهي. خبر موجب اڏيرولال لڳ ڳوٺ رحيم کورکاڻي وٽان شاخ کي ٻن هنڌن تان 20 فوٽ گهارو لڳڻ سبب ڳوٺ ۽ فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. ڳوٺاڻن ٻڌايو ته اطلاع جي باوجود ايريگيشن عملدار نه پهتا، گهارو بند نه ٿي سگهيو. ڳوٺاڻن جو ايريگيشن عملدارن خلاف احتجاجي مظاهرو ۽ نعريبازي ڪندي ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته ايريگيشن عملدارن رشوت جي بازار گرم ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته رات جي وقت بااثر زميندارن کان ڳري رشوت وٺي شاخ کي کوليو وڃي ٿو، جنهن جي ڪري شاخ کي گهارا پوڻ معمول بنجي ويا آهن.، هنن چيو ته اسان اڳ ۾ ئي برسات سبب تباهه ٿي چڪا آهيون ويتر ايريگيشن عملدارن جي لاپرواهي سبب بچيل فصل ۽ گهر پاڻي جي گهيري ۾ اچي ويا آهن. هنن چيو اسان بار بار شڪايتون ڪيون آهن پر اسان جي ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي. هنن ايريگيشن جي صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو آهي ته ايس ڊي او ۽ سرويئر کي هٽائي اسان جي نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں