تلهار ۾ ڪميونٽي بيسڊ اسڪول ۾ سائنسي ميلو منعقد

تلهار( ن س ) ڪميونٽي بيسڊ اسڪول تلهار ۾ سائنسي ميلو(Science exhibition) منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ اسڪول جي شاگردن جوش و خروش سان حصو ورتو، ۽ مختلف ماڊل پيش ڪيا، ميلي جو افتتاح اسماعيلي ڪاونسل ٽنڊو طريل جي پريزيڊنٽ آصف حسين خواجه ڪيو، جڏهن ته تعلقه ايجيوڪيشن آفيسر سائين اڪرم ٽالپر، ڪميونٽي اسڪول جي چئرمين عرفان علي خواجه، ڪميونٽي اسڪول ٽنڊو محمد خان جي چئرمين سراج احمد خواجه، سماجی رهنما  نديم علي خواجه،ناصر بلوچ، رحيم آباد ڪالوني جي چئرمين عابد خواجه، امين خواجه، ڊاڪٽر سندهو خواجه، آپا رخسانه جمالي، آپا گلشن خواجه ۽ ٻين شرڪت ڪئي، انهي موقع تي خطاب ڪندي مقررين چيو ته اهڙن سائنسي ميلن سان ٻارن جي ذهني نشو و نما ٿئي ٿي، ۽ انهن جي علم ۾ اضافو ٿئي ٿو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں