حيدرآباد(پ ر)نيشنل ڪميشن فارم هيومن ڊولپمينٽ منسٽري آف فيڊرل ايجوڪيشن ڄامشوري جي فيلڊ آفيسر مولابخش ميربحر شفيع ملاح جي غير قانوني جبري بدلي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ جي مشھور وڪيل ذيشان علي ميمڻ معرفت پٽيشن داخل ڪرائي جئين ته اڄ تاريخ 2022-11-03 تي ڪيس نمبر 2022/2996سي پي ڊي تي جيڪو جسٽس اقبال ڪلهوڙو صاحب ۽ جسٽس عدنان ڪريم ميمڻ صاحب وٽ سنڌ ھاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ رکيل هو جنهن جي اڄ ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ اين سي ايڇ ڊي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر آيل هو جنهن کان جسٽس اقبال ڪلهوڙي صاحب پڇا ڪئي ته ڊسپلينري جي معنا ڇا آھي جنهن تي ان ٻڌايو ته سر ڪاب ڪمپلين نوٽيس يان شوڪاز نوٽيس هجي جنهن تي جج صاحب چيو ته هنن جي خلاف ڪو نوٽيس آھي ت پيش ڪر .ڊپٽي ڊائريڪٽر جج صاحب کي چيو ته ڪوبه نوٽيس ن آھي جنهن تي ڪورٽ سڳوري ڊپٽي ڊائريڪٽر کي ڇنڊ پٽي ۽ ٽرانسفر آرڊر سسپينڊ ڪري 2022-11-24تي پٽيشن ۾ ڄاڻايل ڌرين کي جواب طلب ڪري ورتو.
