سنڌ جو ڪو به ماڻهو اڄ تائين آپگهاتي بمبار نه بڻيو آهي، صدين کان مذهبي رواداري قائم آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي (بيورو) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ جو ڪو به ماڻهو اڄ تائين آپگهاتي بمبار نه بڻيو آهي، سنڌ ۾ مذهبي رواداري ۽ سهپ جو ماحول صدين کان قائم رهيو آهي. نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي سيڪيورٽي ورڪشاپ جي 75 رڪني وفد برگيڊيئر طارق نياز جي سربراهي ۾ وڏي وزير سان ملاقات ڪئي. وڏي وزير جو چوڻ ھو ته ڪراچي ڪنهن وقت دنيا جو ڇهون نمبر خطرناڪ شهر هو، اڄ ڪراچي 76 هين نمبر تي آهي، وڏي وزير چيو ته سنڌ سرڪار امن امان جي بحاليءَ بعد صوبي جي ترقيءَ تي ڌيان ڏنو. وڏي وزير مراد علي شاھ جو چوڻ ھو ته قدرتي آفتن باوجود معيشت کي هٿي ڏني وئي، ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪرڻ سان گڏ ڪڻڪ جي پوکائي شروع ڪرائي آهي، اميد آهي ته ايندڙ سال ڪڻڪ جي کوٽ جو منهن نه ڏسڻو پوندو. وڏي وزير چيو ته افغان جنگ پڻ دهشتگردي جي ذميوار آهي تنهنڪري نيشنل ايڪشن پلان جوڙيو ويو جنهن تحت ٽارگيٽيڊ آپريشن شروع ڪيا ويا جنهن جا سٺا نتيجا سامهون آيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ هڪ گهڻي رخو سماج آهي جتي مختلف مذهبن جا ماڻهو صدين کان گڏ رهندا آيا آهن. هن چيو ته اسان جا ماڻهو ڀائيچاري تي يقين رکن ٿا اهوئي سبب آهي جو هڪ به آپگهاتي بمبار جو تعلق سنڌ سان نه آهي پر سڀئي امپورٽ ڪيا ويا. وڏي وزير چيو ته ٿر ۾ ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ سنڌ حڪومت جي وڏي ڪاميابي آهي. هن چيو ته جڏهن ٿر ۾ ڪوئلي جي کوٽ شروع ٿي ته ماڻهو ان جو مذاق بڻائي رهيا هئا پر اهو مڪمل ڪيو ويو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته جڏهن ڪول مائننگ ۽ پاور پلانٽ جي منصوبن تي ڪم شروع ٿيڻ وارو هو ته مشينري کي ٿر ۾ آڻڻ هڪ وڏو چئلينج هو جنهن لاءِ صوبائي حڪومت سنڌو درياهه تي سجاول پل ٺاهي. 

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں