سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ايس ٽي پي جا مڇر ڪالونيءَ ۾ ٻن سنڌي نوجوانن جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرا

حيدرآباد(نمائندن وٽان) ڪراچيءَ جي مڇر ڪالوني ۾ بيدردي سان قتل ٿيندڙ ٻن سنڌي نوجوانن ايمن جاويد ۽ اسحاق پنهور جي خون سان انصاف ۽ قاتلن جي گرفتاري لاءِ سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جي مرڪزي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ ملير ۾ پير بخش باقراڻي، راڻو خان زهراڻي،نصرت سومرو، اصغر سبزوئي، لاڙڪاڻي ۾ احمد نواز بروهي، صادق لاشاري، طارق جتوئي، شمس الدين پنهور، نصير احمد ڪلهوڙو، ساگر ڪلهوڙو، امير علي ڪلهوڙو، حسيب عباسي، نوابشاهه ۾ نثار ڪيريو، شاھنواز ڪيريو، رفيق ملاح، سيد رستم شاهه، ٻڍل مگسي، ڪڍڻ ۾ ممتاز علي جت، ڪڍڻ ٽائون جي صدر ممتاز ملاح، جنرل سيڪريٽري لکاڏنو خاصخيلي، ڪفايت علي خواجه، ميوو ميگھواڙ، غلام شبير سبيرو، مقصود ملاح، انور ملاح، حاجن جت، علي حسين آرائين، سجاول ۾ عبدالغني ملاح، جمن سنڌي، ممتاز لغاري، گل حسن، فاروق شيدي، ريحان بوبڪ، سماجي اڳواڻن ڊاڪٽر ھوت چند، نظير احمد هٿيار ۽ ايس يو پي ضلعي صدر دادا سنڌي، ڊگهڙيءَ ۾ ضلع صدر مير يونس ٽالپر ، پرويز نوحاڻي، محبوب دل قادربخش ڀنڀرو، سجاد ڪنڀر، ڀوروسنڌي،ٺارو نوحاڻي، ذيشان نوحاڻي ، جيڪب آباد ۾ ضلعي صدر عبدالستار جاگيراڻي، نظام مستوئي ۽ عبدالنبي مگسي، محمد عمر سولنگي صاحب خان چانڊيو، قبوسعيد خان ۾ غلام نبي چنو،  محمد علي کوسو، غلام مصطفي بروهي ، عبدالرحيم حيدري جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪيو ويو. احتجاجي مظاهرن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت ڪراچي ۾ سنڌي نوجوانن لاءِ روزگار جا رستا بند ڪيا پيا وڃن حڪمران جماعت پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪرڻ لاءِ سهولتون فراهم ڪري رهي آهي جنهن سبب تيزي سان ڪراچي ۾ سنڌي اقليت ۾ تبديل ٿي رهيا آهن. هنن چيو ته جهڙي بيدردي سان هجوم طرفان مڇر ڪالوني واري سانحي ۾ ٻن سنڌي نوجوانن کي قتل ڪيو ويو آهي ان مان صاف ظاهر آهي ته بنگالي، بهارين سميت ڌارين کي حڪومت جي پشت پناهي حاصل آهي، ٻئي طرف وري حڪومت مظلومن جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪندڙن مٿان ڪيس داخل ڪري رهي آهي جيڪو عمل مذمت جوڳو آهي. اين مطالبو ٿا ڪريون ته اهڙا ڪيس ختم ڪري سنڌي انجنيئرن جي سمورن قاتلن کي گرفتار ڪري ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي ٻي صورت احتجاج جاري رکيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں