سنڌ يونيورسٽي ۾ مختلف منصوبن جي نمائش

ڄامشورو (پ ر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انسٽيٽيوٽ آف انگلش لينگويج اينڊ لٽريچر ۾ مختلف پروجيڪٽن تي مشتمل تعليم کي اجاگر ڪرڻ ۽ شاگردن کي پنهنجون مهارتون ڏيکارڻ لاءِ موقعو فراهم ڪرڻ جي حوالي سان مختلف منصوبن جي نمائش منعقد ڪئي ويئي، جتي شاگردن ۽ شاگردياڻين انگريزي ٻوليءَ جي سکيا، تلفظ بهتر بنائڻ، گرامر سکڻ، ڪلاس رومن ۾ مواصلاتي زبان جي مؤثر تعليم ۽ انگريزيءَ جي سکيا ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي استعمال بابت ڄاڻ فراهم ڪئي. بي ايس (انگريزي لسانيات) جي ٽئين سال جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پروجيڪٽن تي مشتمل تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ انسٽيٽيوٽ آف لينگويج اينڊ لٽريچر ۾ پنهنجي سپروائيزر ۽ استاد ڊاڪٽر الاهي بخش گوپانگ جي نگرانيءَ هيٺ مختلف منصوبا نمائش لاءِ پيش ڪيا. مجموعي طور 7 کان 10 شاگردن ۽ شاگردياڻين تي مشتمل 10 گروپن پاران 20 کان وڌيڪ منصوبا نمائش ۾ رکيا ويا. انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر محمد خان سانگي، ڊاڪٽر فريده ياسمين پنهور، ڊاڪٽر غلام علي ٻرڙو ۽ ٻين ججن جي فيصلي موجب پهرين پوزيشن سيون اسٽار گروپ، ٻئين پوزيشن هيڪس ٽو اسپيڪ ۽ ٽئين پوزيشن سواگرس گروپ کي ڏني ويئي. ان موقعي تي سيون اسٽار گروپ جي انعم چانڊيو، پرهه لغاري، اقرا، صائمه، مرڪ رستماڻي، شيلو ٻائي ۽ حور جوڻيجو گڏيل نموني ڪپ وصول ڪيو. ٻئين پوزيشن جو ڪپ هيڪس ٽو اسپيڪ جي عائشه، ناياب، زهريٰ، عائشه قريشي، قنديل، مؤمنه، انعم وفا، سعديا ۽ قمرالنساءِ وصول ڪيو، جڏهن ته سواگريس گروپ جي ايمان سهتو، طوبيٰ فاطمه، انعم ميمڻ، اقصيٰ شيخ، رحمان شورو، مشتاق کوسو، سيد حسنين مهدي، سيد فيضان شاهه، ارسلان خاصخيلي ۽ ذيشان خاصخيلي وصول ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي پراجيڪٽس جي نگراني ڪندڙ ڊاڪٽر الاهي بخش گوپانگ چيو ته پراجڪيٽن ذريعي سکيا کي هٿي وٺڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته اهو ماڊل سڄي دنيا ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. هن چيو ته انگريزي هڪ ڌارين ٻولي آهي، جنهن کي سيکارڻ لاءِ پراجيڪٽ بيسڊ لرننگ انتهائي لاڀائتو ثابت ٿيو آهي. هن چيو ته نمائش جو مقصد سکيا جي هن جديد طريقي ذريعي انگريزي ڳالهائڻ جي مهارت، تلفظ کي بهتر بنائڻ، گرامر ذريعي انگريزي سکڻ، ڪلاس روم ۾ مواصلاتي زبان جي تعليم، ٽيڪنالاجي ذريعي انگريزي سکڻ ۽ انگريزيءَ جي سکيا واري عمل ۾ انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال جي طور طريقن کي اجاگر ڪرڻ هو. هن چيو ته ڄاڻايل پراجيڪٽ شاگردن کي حقيقي زندگيءَ جي چئلينجن سان منهن ڏيڻ ۽ سندن تعليمي، ذاتي ۽ ڪيريئر جي ڪاميابيءَ لاءِ تيار ڪرڻ جي قابل بڻائيندا. انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر محمد خان سانگيءَ چيو ته انگريزي لسانيات جي ٽئين سالن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين انتهائي پيشيوراڻي انداز ۾ پراجيڪٽ تيار ڪري نمائش لاءِ رکيا آهن. سندن مهارتون ڏسي کيس خوشي ٿي آهي. هن چيو ته انگريزي ٻوليءَ جو سکڻ ۽ انگريزي لسانيات ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ فرق آهي. نوجوانن پراجيڪٽن ذريعي جنهن طريقي سان موجوده دور ۾ انگريزيءَ جي اهميت اجاگر ڪئي، اهو شاندار آهي. هن چيو ته اهڙيون تعليمي سرگرميون شاگردن کي عملي زندگيءَ ۾ ڪم اينديون. ان کان اڳ مختلف شعبن جي استادن ۽ شاگردن اسٽالز جو دورو ڪيو ۽ انگريزي لسانيات جي شاگردن پاران تيار ڪيل پراجيڪٽ جو غور سان مشاهدو ڪيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں