شهناز انصاري قتل ڪيس ۾ هڪ جوابدار کي عمرقيد ۽ 10 لک ڏنڊ جي سزا، ٻيا سمورا جوابدار آزاد

نوشهروفيروز( ڊ ر) نوشهرو فيروز پ پ ايم پي اي شھناز انصاري قتل ڪيس جو فيصلو، ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ نوشهروفيروز جي عدالت پاران ايم .پي اي شهناز انصاري قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو ، جوابدار وقار کوکر کي گناه ثابت ٿيڻ تي عمر قيد ۽ 10 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي جڏهن ته ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي حاجي محمد صديق کوکر ، اختر حسين کوکر ۽ عورت سلمه کوکر کي ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو. پ پ ايم پي اي شهناز انصاري کي 15 فيبوروي 2020 تي دريا خان مري ويجهو ڳوٺ مراد کوکر ۾ جوابدارن پنهنجي ڀيڻ شبانه جي مڙس ڊاڪٽر زاهد کوکر جي چاليهي جي موقعي تي پنهنجي ٻارڙن 4 نياڻين 2 پٽن ۽ ڀائرن جي اڳيان گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ڪيس اڍائي سال کان مٿي ڪورٽن ۾ هلندو رهيو ماڊل ڪورٽ جي جج پاران پهريان محفوظ ڪيل فيصلو 27 آڪٽومبر تي ٻڌائڻ جي تاريخ رکي هئي ان تي فيصلو نه ٻڌايو ويو وري ٻيهر 3 نومبر جي تاريخ طئه ڪئي وئي جنهن تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں