گوجرانوالا (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان تي حملو ڪندڙ شخص جو بيان سامهون اچي ويو. پوليس کي ڏنل وڊيو بيان ۾ حملي آور چيو ته مان عمران خان کي ان ڪري مارڻ جي ڪوشش ڪئي، ڇو ته هو ماڻهن کي گمراهه ڪري رهيو آهي، آذان وقت اسپيڪر هلندا آهن، گوڙ جاري رهندو آهي، منهنجي ضمير کان برداشت نه ٿيو. سندس موجب مان رڳو عمران خان کي مارڻ چاهيو، منهنجي پويان ڪير به ناهي نه ڪنهن جو ان ۾ هٿ آهي، مان اڪيلي سر اهو ڪم ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته جنهن ڏينهن کان لانگ مارچ لاهور مان نڪتو، انهن ڏينهن کان حملي جو سوچي رهيو هيس.
