گوجرانوالا (م ڊ) گوجرانوالا ۾ لانگ مارچ دوران تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان قاتلاڻي حملي ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو. پوليس موجب گوجرانوالا ۾ الله والا چوڪ تي پي ٽي آءِ جي آجياڻي واري ڪئمپ ڀرسان عمران خان جي مرڪزي ڪنٽينر تي فائرنگ ڪئي وئي، فائرنگ کانپوءِ سيڪيورٽي اهلڪار فوري طور عمران خان وٽ پهچي ويا ۽ کيس گهيري ۾ وٺي بلٽ پروف جيڪيٽون سندس سامهون ڪري ڇڏيون. عمران خان گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيو، جنهن کانپوءِ کيس ڪنٽينر مان بلٽ پروف گاڏي ۾ اسپتال نيو ويو، جڏهن ته فائرنگ جي واقعي کانپوءِ اتي ڀاڄ پئجي وئي ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن حملي آور کي گرفتار ڪري ورتو. ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان جي ڄنگهه ۾ گولي لڳي آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ اڳواڻ فيصل جاويد، احمد چٺا ۽ چوڌري محمد يوسف به زخمي ٿيا آهن. پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر ٻڌايو ته واقعي ۾ مجموعي طور 6 ڄڻا زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته عمران اسماعيل چيو عمران خان کي کٻي ڄنگهه ۾ 3 گوليون لڳيون آهن. پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ سنڌ جي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته جيڪي ماڻهو عمران خان کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن انهن کي خبر هجڻ گهرجي ته ان سان پاڪستان ۾ غير يقيني صورتحال پيدا ٿيندي ۽ عوام وڌيڪ منتشر ٿيندو. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي عمران اسماعيل جو چوڻ هو ته عمران خان کي مارڻ لاءِ 6 گوليون فائر ڪيون ويون، جڏهن حملو ٿيو ته مان عمران خان جي ڀرسان بيٺو هئس ته هڪ شخص پسٽل ڪڍي ۽ سامهون کان فائرنگ شروع ڪري ڏني. عمران خان کي ساڄي ٽنگ ۾ گوليون لڳيون آهن، جڏهن ته احمد چشتي ۽ چوڌري محمد يوسف کانسواءِ پي ٽي آءِ اڳواڻ فيصل جاويد به زخمي ٿي پيا آهن. هڪ نيوز چينل سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر چيو ته فيصل جاويد کي گوليون لڳيون ۽ احمد چٺا سخت زخمي ٿي پيا، ٻڌايو پيو وڃي ته پي ٽي آءِ جي سينيئر اڳواڻ اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو آهي. ذريعن موجب حملي آور پهريان برسٽ هلايو ۽ پوءِ فائرنگ ڪئي، پوءِ هڪ گولي هلائي، حملي آوور کي ڪاري رنگ جا ڪپڙا پهريل آهن.
