رياض ابڙو
عمران خان جي سياست هاڻي ”کبهي اُس کي در کبهي اِس کي در کبهي دربدر، غم عاشقي (ڪرسي) تيرا شکريا تو ني کيا سي کيا بنا ديا“ واري ڳالھ وانگي وڃي رهي آ، ان ڪري ته ڪڏهن عسڪري ادارن کي ايلاز منٿون ٿو ڪري ته ڪڏهن اسٽبلشمينٽ کي ڌمڪيون ٿو چاڙهي ڪڏهن پنهنجي موت جي ڌمڪي تي زور ڏئي ماڻهن کي اموشنل بليڪ ميل ٿو ڪري يا ڪڏهن خونريزي جي ڳالھ ٿو ڪري يا ڪڏهن عسڪري شخصن کي چوڪيدار ٿو چئي، ڪڏهن پگهاردار ٿو چئين، يا ڪڏهن ميرجعفر ٿي ٿا وڃن يا ڪڏهن اليڪشن جي ڳالھ ٿو ڪري، ڪڏهن خوني انقلاب جي ڳالھ ٿو ڪري، پر اصل مسئلو اهو ناهي اصل مسئلو اهو آ ته هي عمران خان واندو نه ٿو ويهي سگهي ۽ پاڻ کي رڳو هل بکيڙي واري سياست ۾ مصروف ڪيون ويٺو آ يا ان ڳالھ کان به انڪار ناهي ته چونڊن ۾ هي پي ٽي آءِ وارا کٽندا ٿا اچن يا پنجاب ۾ نون ليگ جون پنهنجون سيٽون نون ليگ جي هٿن مان هليون ٿيون وڃن پر ڳالھ اها به آهي ته اها سياسي صورتحال رڳو ڪي پي ۽ پنجاب ۾ آهي يا ساڳي صورتحال سنڌ ۽ بلوچستان ناهي ان ڪري ان ڳالھ کي جنرلائيز نه ٿو ڪري سگهجي، يا وري ڳالھ رڳو عوام جي وهوا جي به ناهي پر ڳالھ ادارن جي ساک کي نقصان پهچائڻ جي آ، ڳالھ ادارن جي عزت جي آ، ڳالھ عسڪري ادارن سان هٿ ملائڻ جي به آ ۽ ڳالھ سياسي ميز تي ويهي ڳالهين طئي ڪرڻ جي به آ ته ڳالهيون طئي ڪجن ۽ ملڪ جي ناموس ۽ ترقي کي داوَ تي نه هڻجي، پر عمران خان جي لاءِ اها ڳالھ به مشهور آهي ته هي پنهنجي ڪارڪنن سان به ناهي ملندو ته اهو ٻين سان ڪهڙو ڳالهين جي ميز تي ويهندو ۽ جنهن عسڪري شخصن جي ڪلهن تي چڙهي اقتدار ۾ آيو انهن سان به نه نڀائي سگهيو يا عوام سان جيڪي به واعدا ڪري ڪرسي تي ويٺو هيو ته ان عوام سان به هڪ واعدو نه پاڙي سگهيو هاڻي ان جي ڪهڙي ڳالھ سچ ڀائنيون يا ”جيڪو آزمايل کي آزمائي سو ڌوڙ منهن ۾ پائي“ يا واري اها ڳالھ به ٺهي ٿي ته هن ڪوڙي جي سچي سرڪار کان چورن جي ڪوڙي سرڪار ڀلي آ يا هتي هروڀرو شهبازسرڪار جي ڳالھ نه مڃنجي يا اهو به ناهي ته شهبازسرڪار ڪا کير جي ڌوتل آ پر ڳالھ حق ۽ سچ جي آ، ڳالھ ان سياست جي آ جيڪا پوري پير تي هجي ان ڪري ته هاڻوڪي صورتحال ۾ جيڪو به چينل کولجي يا جيڪا به اخبار به پڙهجي ته ان ۾ ڪنهن به طرح عمران خان جي بيانيي جي تعريف ناهي هوندي يا ڪو به ادارو هن کي صحيح نه ٿو سمجهي يا چئي يا ڪنهن اداري ۾ هن جي سياست جي وهوا ناهي، ان ڪري ڪورٽون به هن جي ڪيسن جي هڻ هڻان لاهي ٿيون ڏين يا اليڪشن ڪميشن به هن جي حق ۾ ناهي يا عسڪري ادارا به هن جي ڳالھ نه ٿا ٻڌن يا آمريڪا سان هي ڦٽائي ويٺو آ يا هي ملڪ ڪو کاري ۾ رکيل مڇي ناهي جيڪا جيڪڏهن هِن چئونڪ تي نه کَتي ته ٻئي چئونڪ تي کَپي ويندي پر سياست به انهن ئي ادارن ۾ ساک بحال ڪري کپائڻ وارو وکر آ ۽ انهن ادارن جي شخصن جي ناموس کي للڪارڻو ناهي هوندو ڇو ته هاڻوڪي ڏکي سياسي صورتحال ۾ ڪورٽ جو هڪ ئي فيصلو خان جي سياست جا ٽپڙ ويڙهائي ڇڏيندو يا هن جو شيرازو وکيري ويندو ڇو ته عوام ۾ رهي بغاوت واري سياست جي معني اها به آهي ته هر دفعي ڪنهن نه ڪنهن طرح ڪنهن نه ڪنهن واٽهڙو شخص کي ٻَلي دان ڏيڻو ٿو پوي (جيئن لاهور ۾ صحافي عورت ڪنٽينر جي هيٺان آئي) پر روڊن واري سياست سڄو سال نه ٿي ڪري سگهجي جو عوام ڪنهن ڪم ڪار جو نه ٿو هجي ۽ سدائين هل بکيڙو، نعرا، ناچ گانا ۽ نفرت انگيز ماحول جنهن ۾ ماڻهن کان ڪم ڌنڌا وسري ٿا وڃن ۽ سڄو ڏينهن ويٺا ٿا پنهنجن پنهنجن اڳواڻن تي ڪلما پڙهن ۽ مخالف اڳواڻن کي گارگند، ڀارت ۽ پاڪستان جي ميچ وانگي ويٺا ٿا ڪفر ۽ اسلام جي جنگ وڙهن ۽ ويٺا ٿا ايمان جا سودا ڪن ته ڪير کٽندو ۽ ڪير هارائيندو يا لانگ مارچ شارٽ ٿيندو يا نه.
پر هيل تائين ملڪي سياست رڳو ”پنجاب سينٽرڪ“ رهندي آئي آ، اليڪشن ڪميشن به پنجاب مان فيصلا ٿي موڪلي، اسلام آباد ڪورٽ هڪ فيصلو ڏئي بس ٿي ڪري ته ٻئي جو شنوايون ٿي هلائي، ايوان ۾ ڄنڊا پٽ به پنجاب اندر ٿي ٿئي، ٽي ايل پي پنجاب ۾ باھ ٻاري ٿي ڏئي، اسلام آباد ڏي هرڪو لانگ مارچ جي هلان ٿو ڪري، ڳوڙها گيس به پنجاب ۾ ٿي هلي، سينيٽ جي عدم اعتماد واري تحريڪ به پنجاب جي ڊرائنگ رومن ۾ طئي ٿي ٿئي ۽ سياست ڪامياب ۽ ناڪام به رڳو پنجاب اندر ٿي ٿئي يا پنجاب جي وزيراعلي واري جنگ جنگان به وڏي وٺ وٺان کانپوءِ ختم شد ٿي، معني اسان وٽ سياست جو محور رڳو اسلام آباد جا روڊ ۽ ڪورٽون ٿيون رهن، ان ڪري انهن ادارن سان نڀائڻ پاڪستاني سياست ۾ پائيداري جي ضمانت آ، پر خان جي سياسي ستم ظريفي اها به آهي ته هي عوام کان غلط ڪم ٿو وٺي يا چاهي ٿو ته اسٽبلشمينٽ هاڻي نئين محبوبيت جو اعلان ڪري، پر هاڻي اهو دور به ناهي ته انٽرنيشنل قوتن کي ڪنهن به صورت ناراض ڪري سگهجي يا پنهنجي هلائجي يا ملڪ کي اڪيلو ڪري ڇڏجي، پر انهن گوڙن گهمسانن ۾ چين ۽ روس جي پاليسين کي به چپ چاپ هلائڻو آ ۽ آمريڪي پروجڪيٽن کي به هٿي وٺرائڻي آ ته پوءِ اهڙي ٻه چاپڙي پاليسين ۾ عمران جي دال نه ٿي ڳري سگهي ڇو ته ان صورت آمريڪا کي بدشد چئي ڪرسي نه ٿي وٺي سگهجي.
سياسي ڳالهيون ڇا تي ٿين ۽ ڳالھين جو مستقل حل ڇاهي يا خان کي رڳو ڪرسي موٽائي ڏيڻ ۾ ئي سياسي عافيت آ يا 75 سالن ۾ جيڪي به وزيراعظم آيا ۽ ويا اهي ڪرسي وڃڻ تي ڇتا ٿي پيا هيا جو جڏهن انهن کان ڪرسي کسين ته اهي روڊن تي نڪري آيا هيا اچي ويا يا سياست رڳو ڪرسي جي حاصلات تائين آ يا جي ڪرسي ناهي ته سياست ئي ناهي پر ائين هرگز ناهي، يا خان جڏهن سَت سَت سيٽون کٽي ته صحيح آ ۽ ٻيو ڪو کٽي ته اليڪشن ڪميشن صحيح ناهي يا جڏهن هي کٽي ته صحيح يا جڏهن هي هارائي ته ادارا ڪرپٽ يا هاڻي وري آمريڪا کي ڌمڪي ڇو؟ يا آمريڪا جڏهن هردفعي هن جي “رجيم چينج“ ڪرڻ واري ڳالھ کي نندي ٿو ۽ سڀ سمجهن ٿا ته هن کي ڪرسي تان ڪنهن گهلي ناهي لاٿو يا هن جي مٿان ڪنهن ڪورٽ نااهلي جي ڳالھ به ناهي ڪئي يا ڪنهن ڪورٽ مان ان ٽائيم تي توشاخانا جو ڪيس به ظاهر نه ٿيو هيو يا فارين فنڊنگ جا ڪيس به نه اٿليس يا هن جي خلاف ڪنهن طريقي ڪو سلطاني گواھ به نه آيو ته هن کي ڪنهن صورت سياسي گناھگار ثابت ٿئي هان يا هن کي ڪرپٽ ثابت ڪري ڪرسيءَ تان گهلي لاهن هان پر هڪ آئيني طريقي سان هن جي مٿان بي اعتمادي ظاهر ڪري هن کي گهر ڀيڙو ڪين ته ڪري سگهن پيا ڇو ته ايوان جو اهو بنيادي حق آهي ته اهي ايوان جي اڳواڻ کي ووٽ ڏئي چاڙهي به سگهن ٿا ته ڪيرائي به سگهن ٿا، يا ننڍين چونڊن دوران هن جي جذباتي سياست اهو فيصلو به ڪري ورتو هيو ته هي 11 سيٽن تان اڪيلو ننڍي چونڊ وڙهندو پر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ان جي ڳالھ کي رد ڪري ڇڏيو ۽ الڪيشن ڪميشن به ان ڳالھ کي ننديو ۽ هي پوءِ هي ان ڳالھ تان هٿ کڻي ويو ۽ پنهنجا اميدوار بيهاريائين.
پر ڳالھ اها ٿي ماري ته جڏهن نوازشريف جي حڪومت هوندي هئي ته پي پي وارا ورلي ڪو سياسي جلسو جلوس ڪندا هيا يا پي پي جي حڪومت هوندي هئي ته ورلي نوازشريف جي پارٽي ڪو ڏول پِٽڪِو ڪندي هئي پر سڀ ان ڳالھ جو انتظار ڪندا هيا ته جيڪي ڪرسي تي ويٺا آهن اهي ڀلي انڌي منڊي سرڪار هلائن بين القوامي برادري جو ان ڳالھ سان ڪو سروڪار ناهي ته هاڻي ڪير حڪومت ۾ آ يا ڪير ناهي پر جيڪو به آهي اهو آمريڪا سان ۽ بين الاقومي برادري جي اصولن تحت ملڪي ناتا جوڙي هلي ڇو ته ملڪن جا ملڪن سان لاڳاپا هجن ٿا نه ڪي ڪو شخصن جا شخصن سان، شخص جي لاڳاپن جي آسري ملڪ جون ڊپلوميٽڪ پاليسيون نه ٿيون هلي يا هلائي سگهجن، پر عمران خان کي اهو مغالطو ضرور آهي ته جي هي سرڪار ۾ آهي ته ملڪ به آهي يا جي هي ناهي ته ملڪ ئي ناهي ۽ ملڪ کي وڏو خطرو لاحق آ ۽ ملڪ ٽٽي ذرا پرزا ٿي ويندو يا هن جي اڻپوري سياسي سمجھ ۾ اها ڳالھ پختي ۽ پوري طريقي سان ويٺل آهي ته جيڪڏهن هي کي ڪرسي نه ملي ته ملڪ جو خير ناهي يا ملڪ ۾ خون ريزي ٿي ويندي يا خوني انقلاب ايندو، ان ڪري هن کي ڪرسي موٽائي ڏيو، پر هن جي اڻ ڄاڻ سياست مان اسٽبلشمينٽ کي اهو خطرو ضرور آهي ته هي عوام کي بليڪ ميل ۽ اموشنل ڪري ملڪ کي ڪنهن اهڙي کڏ ۾ نه اڇلائي ويندو جو اتان نڪرڻ ۾ وري 75 سال ٻيا لڳي ويندا جو ملڪ انهن فتنن مان جان نه ڇڏائي سگهندو يا بغاوت خاموش نه ڪرائي سگهبي.
