منشيات ۾ ملوث عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي:سي پي او ڪراچي

ڪوٽڙي (رپورٽ: وقار ھيسباڻي) سنڌ جي مختلف شھرن ۾ منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث ھوئڻ جي الزام ۾ سي پي او ڪراچي طرفان 26 ايس آئي پي ۽ انسپيڪٽر خلاف ڪارروائي جو حڪم جاري ڪندي 20 ڏينھن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي.ڄامشوري،مٽياري،ڪمبر،مٺي،خيرپور ۽ دادو ۾ مقرر ٿيل ايس ايڇ او ۽ انسپيڪٽرن کي منشيات ۾ سھولتڪاري ھئڻ جي الزام ۾ پنج ڊويزن کي سي پي او ڪراچي کان ليٽر جاري ڪري 20 ڏينھن اندر رپورٽ طلب ڪئي آھي ڄامشوري جي ايس ايڇ او نوري آباد محمد ھاشم بروھي،ايس ايڇ او سائيٽ خير محمد ملاح،انسپيڪٽر مظھر علي سومرو ايس آئي پي سائين بخش چانڊيو سميت 26 عملدارن کي شامل ڪيو ويو آھي آئي جي سنڌ سي پي او طرفان منشيات جي فراھمي ۾ مدد ۽ سھولتڪاري ڪرڻ جي الزام ھيٺ محڪماتي انڪوائري تشڪيل ڏئي چڏي آھي.چيو وڃي ٿو ته ڄامشوري ضلعي ۾ ان الزام ھيٺ آيل پوليس آفيسر ڪيتري ئي عرصي کان مقرر ٿيل سي پي او ڪراچي کان جاري ٿيل  ليٽر ۾ جاڻايو ويو آھي ته الزام ھيٺ آيلن مٿان ڊپارٽمينٽل ڪاروائي 20 ڏينھن ۾ مڪمل ڪري سي پي او ڪراچي رپورٽ ڪئي وڃي ياد رھي ته ان کان اڳ به ڪيترائي دفعا اھڙي قسم جا ليٽر جاري ڪيا ويا ھا پر لسٽ ۾ ڄاڻايل آفيسر بااثر ھجڻ سبب سندن خلاف ڪارروائي ۾ اڳڀرائي نه ٿي سگهي منشيات فروشي ۾ ملوث ڄاڻايل ٿاڻن تي مقرر ٿيل ذريعن موجب هن کان اڳ آء جي سنڌ طرفان منشيات جي الزام هيٺ آيل پوليس اهلڪارن کي ڪراچي رليو ڪيو ويو هو جن مان ڪجھ اهلڪارن آء جي سنڌ جي حڪم تي به عمل نه ڪيو ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں