اسلام آباد (بيورو) عمران خان جو چوڻ آهي ته کيس هڪ ڏينهن اڳ ئي خبر پئجي وئي هئي ته مٿس حملو ڪيو ويندو. اسلام آباد جي اسپتال مان پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته منهنجي حڪومت ختم ڪرائڻ لاءِ ڪرپشن جو پيسو خرچ ڪيو ويو، قوم کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته مون کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن چيو ته کيس چار گوليون لڳيون، حملي جا تفصيل بعد ۾ ٻڌائيندس، هنن مون کي وزير آباد يا گجرات ۾ مارڻ جو منصوبو ٺاهيو هو. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته ان کان اڳ گذريل ڇهن مهينن جا واقعا قوم آڏو رکڻ چاهيان ٿو.عمران خان چيو ته قوم فيصلو ڪيو ته 30 سالن کان ملڪ کي لٽيندڙن جو ساٿ نه ڏنو وڃي. عمران خان اعلان ڪيو آهي ته هو ٻيهر اسلام آباد جو سڏ ڏيندو. جڏهن ته عمران خان طرفان عارضي طور لانگ مارچ ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
