باڊھه (رپورٽ: جي ايم چنجڻي) سيپڪو جي مقامي انتظاميه بلن جي عدم عدائگي ۽ لائين ۾ فالٽ جو سبب ڄاڻائيندي يو سي دڙا ۽ يو سي وڏي وهڻي جي 50 کان مٿي ڳوٺن جي بجلي هڪ هفتي کان بلا جواز بند ڪري ڇڏي آهي جنهن سبب غريب ڳوٺاڻا سخت اذيتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، سخت گرمي ۽ مڇرن سبب ذڪر ڪيل ڳوٺن جا سوين ماڻھو خاص ڪري عورتون ۽ معصوم ٻارڙا مليريا، ٽائيفائيڊ ۽ چمڙي جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن جڏهن ته اسڪولن ۾ تدريسي عمل سان گڏ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ۽ صفائي جو عمل پڻ سخت متاثر ٿي رهيو آهي. بجلي بند هجڻ ڪري اوندھ جو فائدو وٺندي چوري ۽ ڦر جون وارڌاتون روز جو معمول بڻيل آهي. مڇرن توڙي وڌندڙ بدامني جي آزار سبب رهواسي راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور بڻيل آهن، پر افسوس ته اهڙي صورتحال باوجود نااهل سيپڪو انتظاميه جي ڪن تي جونءِ به نه پئي چري. ٻئي طرف علائقي جي ساڃاهه وندن سڪندر علي بروهي، الطاف حسين جوڻيجو، نظام ڪولاچي، برڪت علي مسڻ، ڊاڪٽر منير شيخ،دو دو ديشي۽ ٻين سيپڪو جي اعليٰ اختيارين ۽ ايس ڊي او سب ڊويزن نصيرآباد کان گهر ڪئي آهي ته يو سي دڙا، يو سي وڏي وهڻي جي پنجاھ کان مٿي ڳوٺن ۾ بجلي جي بلاجواز بندش جو نوٽيس وٺي علائقي واسين کي گهربل بجلي ڏئي بي چيني ختم ڪئي وڃي.
