سمير ساگر قريشي
پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ هڪ اسلامي ملڪ آهي. پر ان جي باوجود اسان جي ملڪ ۾ جنسي ڏاڍائي جا واقعا روز جو معمول بڻجي ويا آهن. ملڪ ۾ هر مهيني جنسي زيادتين جا واقعا گھٽجڻ بجاءِ وڌي رھيا آھن. هن وقت ملڪ ۾ زيادتي جا سڀ کان وڌيڪ ڪيس پنجاب ۽ سنڌ ۾ رپورٽ ٿيا آهن. گذريل مهيني ڪراچي ۾ ايف آءِ اي جي رپورٽ موجب 2021 ۾ پاڪستاني انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن پاران ٻارن سان جنسي زيادتي جون 20 لک تصويرون اپ لوڊ ڪيون ويون. گذريل ٽن مهينن کان ٻوڏ متاثرن سان زيادتي جا واقعا پيش اچي رهيا آهن. ان سان گڏ اقليتي برادري کي به جنسي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. ذهني مريض هجي يا صحتمند، ڏيھي هجي يا پرڏيهي، عورتون هجن يا ٻار، اسان جي ملڪ ۾ ڪو به محفوظ ناهي. ڪجهه مهينا اڳ 22 سالن جي آمريڪي سياح ڇوڪريءَ سان اجتماعي زيادتي ڪئي وئي. قانوني ادارن پاران جوابدارن خلاف ڪا به خاص ڪارروائي نه ڪئي. ان کان علاوه پنجاب ۾ 35 سالن جي حامله عورت، ڪراچي ۾ 10 سالن جي ٻوڏ متاثر ناري، سانگهڙ ضلعي ۾ هڪ هندو ڇوڪري سان اجتماعي زيادتي ڪئي وئي ۽ اهڙيون هزارين نياڻيون هر روز اجتماعي زيادتي جو شڪار ٿي رھيو آھن، پر قانوني ادارا ان عمل کي روڪڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهيا آهن.
گذريل ٽن سالن دوران سڄي ملڪ ۾ عورتن تي جنسي تشدد ۽ هراسان ڪرڻ جي واقعن ۾ تيزي سان اضافو ٿيو آهي. انگن اکرن موجب ٽن سالن دوران 63367 کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا، جن ۾ 3987 عورتن کي قتل ڪيو ويو ۽ 10500 کان وڌيڪ عورتون جنسي تشدد جو شڪار ٿيون. جڏهن ته عورتن کي هراسان ڪرڻ جا 4996 ڪيس داخل ڪيا ويا. ساڳئي عرصي دوران عورتن سان اجتماعي زيادتي جا 1072 ۽ گهريلو تشدد جا 5171 ڪيس داخل ٿيا. ان کان علاوه 1025 عورتن کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويو، تيزاب اڇلائڻ جا 103 واقعا ٿيا ۽ 41513 عورتن کي اغوا ڪيو ويو.
جڏھن ته هن سال هينئر تائين 2211 عورتون ۽ ٻار مختلف قسمن جي جنسي زيادتين جو شڪار ٿي چڪا آهن. انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته 1207 ڇوڪرين ۽ 1004 ڇوڪرن سان زيادتي ڪئي وئي جڏهن ته هر روز 6 کان وڌيڪ ٻارن ۽ عورتن سان زيادتي ڪئي پئي وڃي. هن سال داخل ٿيل ڪيسن ۾ اغوا جا 803، بدفعلي جا 243، زيادتي جا 298، جنسي تشدد جا 128، ۽ گينگ ريپ جا 80 ڪيس شامل آهن، جڏهن ته 17 ڇوڪرن ۽ 13 ڇوڪرين کي جنسي ڏاڍائي بعد قتل ڪيو ويو. 2211 ڪيسن مان اڪثر ڪيس اھڙا ھئا جنھن ۾ مظلوم ۽ مجرم ھڪ ٻئي جا واقف (پاڙيسري يا مائٽ) ھئا. هي رڳو اھڙا ڪيس آهن جن خلاف شڪايتون مليون ۽ داخل ڪيون ويون. ان کان علاوه اهڙا هزارين واقعا هوندا جن جي ڪئي به رپورٽ نه ڪئي وئي آهي. اها افسوسناڪ حقيقت آهي ته اهڙي قسم جون حيواني ڪارروايون سڄي ملڪ ۾ ٿي رهيون آهن پر ملڪ جي قانوني ادارن پاران انهن ڪاررواين کي روڪڻ لاءِ ڪي سخت قدم نه ٿا کنيا وڃن. جنهن سبب اهي واقعا ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن. ۽ آهستي آهستي پاڪستان جو اسلامي ملڪ هجڻ جو وقار تباه ڪري رهيا آهن. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان جو سماج، نوجوان، جلد کان جلد جنسي ڏاڍائيءَ، تشدد، زيادتين، ۽ بدفعلي خلاف آواز اٿارين ۽ ملڪ جا قانوني ادارا اهڙن ڏوهارين خلاف سخت ڪارروائي ڪري کين انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻين بدترين سزا جي مستحق ڪن ته جيئن اسان جو ايندڙ نسل، ٻار، عورتون ۽ ملڪن کي اهڙن قابل مذمت ڏوهن کان بچائي سگهجي ٿو.
