جهڏو (ن س) جهڏو ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو، جهڏو جي يونين ڪائونسل باکر جي ڳوٺ لکانو مغيري جي رهواسين صالح محمد، رسول بخش، عبدالغفار، نيڪ محمد، سڪندر مغيري ۽ ٻين وڏي انگ ۾ گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي هنن چيو ته برساتن ۽ پراڻ ندي جي گهارن سبب اسان جو ڳوٺ مڪمل طور ٻڏي ويو ڪچا پڪا سوين گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي تباهه ٿي ويو آهي چوپايو مال مري ويو آهي پر اسان جي ڳوٺ جي سوين متاثر ماڻهن جي ڪا به واهر نه ٿي آهي هن چيو ته جهڏو انتظاميا فقط من پسند ۽ سفارشي ماڻهن کي امدادي سامان ڏنو آهي جڏهن ته هن وقت ڪافي اين جي اوز ڳوٺن ۾ سروي ڪري امداد ورهائي رهيون آهن پر اسان جي ڳوٺ ۾ ڪو به سرڪاري توڙي غير سرڪاري تنظيم اڃان تائين نه آئي آهي نه ئي ڳوٺ ۾ ڪنهن ماڻهو کي ڪا امداد ملي آهي هنن چيو ته اسان جي ڳوٺ کي ڄاڻي واڻي نظرانداز ڪري اسان سان ظلم ڪيو پيو وڃي ٻوڏ سبب تباهه ٿي ويا آهيون زمينن ۽ گهرن ۾ اڃان تائين پاڻي بيٺل آهي بار بار ڊي سي ميرپورخاص ۽ اي سي جهڏو کي مدد جون درخواستون ڏنيون آهن پر ڪير به اسان جي مدد نه پيو ڪري جنهن سبب اسان بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهيون هنن سنڌ سرڪار سميت سماجي تنظيمن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اسان جي ڳوٺ جي سروي ڪرائي مدد ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
