نوري آباد(پ ر)جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊئي چيو آھي ته گذريل رات کان جيڪا ملڪ جي مجموعي صورتحال آھي اها اقتداري قووتن جنگ آھي پنجاب ۽ خيبر پختونخواه ۾ وڏو مانڌاڻ متل آھي اسٽبلشمينٽ ۽ عمران جي جنگ ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت جي جنگ ناهي عمران ۽ اسٽبلشمينٽ جي جنگ قومن جي وسيلن انهن جي حقن ۽ احترامن پنجاب جي غلبي مطعلق ناهي ,پر جنگ اها آھي ته اقتدار مسلسل اسٽبلشمينٽ وٽ هجي يا پنجابي سياستدانن وٽ ھجي هي اها جنگ آھي اڳ اها جنگ نواز شريف لڙي ۽ هاڻ اها جنگ عمران خان لڙي پيو,نواز شريف سمجهوتو ڪري ٺھي ويو پر پيلزپارٽي ڪڏھن به سنڌ جي حقن وسيلن جي وارثي لاء جنگ ناهي لڙي سنڌ جا حڪمران لٽيرا آھن انهن کي ڪنهن به صورت ۾ پئسا کپن جن تي عياشون ڪن پيپلزپارٽي جو قانون انصاف قومي حقن سان ڪو واسطو ناهي.اهڙي خيالن جو اظهار محاذ سربراه رياض علي چانڊئي نوري آباد پريس ڪلب تي وائيس چيئرمي نواز علي شاھ ڀاڏائي ۽ نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي صدر ممتاز علي بروهي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ماڻھن خاص ڪري نوجوانن کي اهو عرض ڪندس ته توهان جا شھر پيپلزپارٽي , پي ٽي آء, جماعت اسلامي غيرملڪين حوالي ڪري ڇڏيا آھن توهان جي وسيلن سمنڊ , درياه ڪوئلي تي پنجاب , اافغانين بنگالين ۽ برمين جو قبضو آھي ,هي قبضي گيريت جو مامعلو آھي ته سنڌين جي زمين سنڌين جي پيرن هيٺان نڪري سنڌ ۾ انساني حق معطل آھن جهنگ جو قانون آھن سنڌ جا ڳڀرو نوجوان پٽ بيدردي سان ماريا پيا وڃن مڇر ڪالوني ۾ غيرملڪين ايمن جاويد ۽ اسحاق پنهو کي زنده پٿر هڻي بيدردي سان قتل ڪيو بنگالي ۽ افغاني چون پيا ته ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻي داخل نه ٿين ڌارين جي جوڙيل آبادين ۾ منشيات ۽ ٻيا غيرقانوني ڌنڌا جاري آھن هن وقت تائين مولانا فضل رحمان ۽ جماعتي اسلامي ايمن جاويد ۽ اسحاق جي بيدردي سان ٿيل قتل تي ڳالهائڻ لاء تيار ناهي,نه عمران خان مذمت ڪئي نه ئي شھباز شريف مذمت ڪئي نه مذهبي انتهاپسند ڌرين مذمت ڪئي ڇو ته اقتدار شھباز شريف , فضل رحمان ۽ پيپلزپارٽي جو هجي يا عمران جو هجي پر اهو اقتدار سنڌين جي ڀلائي لاء ناهي.
