عمران خان تي حملي خلاف پي ٽي آءِ جي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ڪارڪنن ۽ وڪيلن جون احتجاجي ريليون

حيدرآباد(نمائندن وٽان) گوجرانوالا ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان مٿان ٿيل قاتلاڻي حملي خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف لائيرز فورم طرفان احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون ۽ شديد نعريبازي ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ سکر ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف لائيرز فورم ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن طرفان احتجاج ڪيو ويو. لاڙڪاڻي ۾ سميع الله ابڙو، عبدالرئوف ڪورائي، ايڊووڪيٽ اصغر ساريو، نياز احمد، خان محمد سانگهرو، مختيار علي انڙ، ساجد سانگي، عظمت علي سانگي، جان محمد تونيو، بشير احمد، ايڊووڪيٽ محمد اسماعيل ابڙو، ايڊووڪيٽ جاويد احمد بليدي، برڪت علي راهي، ناديه اشرف چن، فياض حسين سومرو، زبير سرڪي، شاهد حسين سانگي، منصور مستوئي، اسد الله ڌامراهه، سميع الله نيازي، الطاف کوسو جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪيو ويو. قمبر ۾ نثار احمد ڏيپر،نظير احمد مگسي،محمد ياسين گوپانگ،فدا حسين ٻگهيو،محمد ياسين کوکر،اڪبر خاصخيلي،حبدار ٽوڙهياڻي، قبوسعيد خان ۾ صدرالدين بروهي،  ساگر چانڊيو، دادوءَ ۾ سردار عاشق حسين زنئور، سعيد احمد سومرو، ارم سولنگي، بشيران سولنگي، محمد عرس شاهاڻي، رفيق پيرزادو، مشتاق علي چنه، ظهير احمد چانڊيو، آفتاب سرور ڳورڙ، قاضي احمد ۾ عبدالطيف رند، شير جوڻو، ايس ڪي چانڊيو، قاسم مھر، بابو ڀائي، خلجي، ٽنڊو آدم ۾ ڪاشف امين،   زبير قريشي، ساجد جٽ، ظفر غنڊه پور، آصف پٺاڻ، فيض محمد ڏيرو، محسن ميمڻ، شهدادپور ۾ رائو ڪاشف امين منوچر گجر، مرتضيٰ جمالي، راڻا ماجد باغي، لالا شاهزيب، تلهار ۾ راجه گاڏهي ،عبدالجبار حبيباڻي، سنيل راٺوڙ، اڏيرو لال ۾ عاطف ساهووال، مظفر خلجي، عبدالغفار ساهووال، مبشر ساهووال، محسن کوسو، عاشر ساهووال، اڪبر ڇٽو، شفيق ڇٽو، رشيد باريجو، زبير قمبراڻي، مظفر خلجي، محسن کوسو، جاويد خاصخيلي، فرقان درس ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪيو ويو. ميهڙ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ لياقت علي جتوئي جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪيو ويو، جنهن ۾ صداقت علي جتوئي، ڊاڪٽر غلام عباس مھيسر، تمندار صدا حسين چانڊيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڪنڌڪوٽ ۾ عبدالعزيز سومرو،شاهمور بنگوار،ظهير کوسو جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪيو ويو. مظاهرن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته هفتو اڳ پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام جي حقن لاءِ ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان جي اڳواڻي ۾ لاهور جي ليبرٽي چوڪ وٽان حقيقي آزادي مارچ نڪتو هيو، جيڪو گذريل ڏينهن گوجرانوالا پهتو، جتي هڪ پلاننگ تحت اسان جي قيادت مٿان انڌا ڌند فائرنگ ڪرائي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ پارٽي چيئرمين عمران خان سميت ٻيا ڪيترائي اڳواڻ ۽ ڪارڪن سخت زخمي ٿي پيا، جنهن حملي جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. هنن چيو ته هي حملو عمران خان مٿان نه پر سڄي قوم مٿان ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ جو عمران خان ملڪ مٿان حڪمراني ڪندڙ چورن جي ٽولي کي نيڪالي ڏيارڻ ۽ پاڪستان ۾ نيون چونڊون ڪرائڻ لاءِ نڪتو هيو، پر کيس رستي تان هٽائڻ لاءِ آزادي مارچ مٿان حملو ڪرايو ويو آهي. هنن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پاران جيڪي به نالا ڏنا ويا آهن ان تحت واقعي جي صاف شفاف انڪوائري ڪرائي ملوث جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں