اسلام آباد ( بيورو ) بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته جوابدار جي مختلف بيانن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهو واقعو مذهبي جنونيت سبب پيش آيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي خواجه آصف چيو ته ڪالهه وارو واقعي جي سڀني مذمت ڪئي آهي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته واقعو پوري قوم لاءِ شرمندگي جو سبب آهي، سڄي دنيا ۾ ان سان ڪهڙو تاثر ويو هوندو. هن چيو ته اسان ڪنهن به اداري جي نالي کي استعمال ڪرڻ جي به مذمت ڪيون ٿا. وفاقي وزير چيو ته وفاقي سرڪار چاهي ٿي ته واقعي جا ڪارڻ سامهون اچن، ماضي ۾ به اهڙي قسم جي واقعن جو ڪو ذميوار سامهون ناهي آيو، ماضي ۾ بينظير واري واقعي ۾ اُٿندڙ سوالن جو ڪو جواب ناهي مليو، لياقت علي خان واري واقعي جو به ڪو جواب ناهي مليو. بچاءُ واري وزير چيو ته جوابدار جي مختلف بيانن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته هي واقعو مذهبي جنونيت سبب پيش آيو. خواجه آصف جو چوڻ آهي ته جنهن ٿاڻي جي حدن ۾ واقعو ٿيو اهو سڄو ٿاڻو معطل ڪيو ويو آهي، جوابدار کي پنجاب جو وڏي وزير پنهنجي ضلعي ۾ وٺي ويو آهي ۽ واقعي کي سياسي رنگ ڏيڻ جي وٺ پڪڙ ۾ آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان سمجهي سگهون ٿا ته واقعي جو رخ ڪنهن پاسي موڙيو پيو وڃي، پر اسان جاچ جون گهرجون پوريون ڪنداسين.
