قمبر ۾ بدامنيءَ خلاف شهري اتحاد جي سڏ تي شهرين جي احتجاجي ريلي

قمبر(رپورٽ:الله بخش ڪلوڙ) قمبر ۾ شهري اتحاد طرفان بدامني خلاف شاهي بازار کان واپارين شهرين احتجاجي ريلي ڪڍي هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب آڏو انتظامياخلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي محمد اسلم تنيو،علي جان مگسي،آصف شيخ،نثار احمد ڪنڀر،مير آهوجا ۽ ٻين چيو ته شهر جو امن امان تباهه ٿي ويو آهي شهري واپاري هر روز ڦرجي رهيا آهن شهر ڦورن جي حوالي ڪيو ويو آهي پر افسوس جو پوليس انتظاميا اگهور ننڊ ستل آهي ڪجھ ڏينھن اڳ واپاري بلاول ڪنڀر کان لکين رپيا ڦر ڪرڻ بعد گوليون هڻي سخت ڪيو ويو جيڪو هن وقت ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي ٻيهر گيھ جي واپاري کان ڏينهن ڏٺي جو هٿيارن جي زور تي ڦر ڪئي وئي قمبر جي سينيئر صحافي حاڪم خاصخيلي کان وچ شهر مان ڦر ٿي وئي، هنن وڌيڪ چيو ته قمبر ۾ ڦورن ۽ چورن جو راڄ هجڻ ڪري شهري واپاري پاڻ کي غير محفوظ سمجهن ٿا پوليس هن وقت تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي سکڻا آسرا ڏئي موٽائي ڇڏين ٿا ھنن ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو، وزير اعليٰ سنڌ ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي شهر ۾ امن امان بحال ڪرائي ڏنو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں