لکي غلام شاهه تعلقي جي 200 گهرن جي ماڻهن کي سماجي تنظيمن طرفان ٽينٽ ۽ ٻيو سامان ڏنو ويو

شڪارپور(ڊ ر) سنگي ڊويلپمنٽ فائونڊيشن پاران الائيٽ پاڪستان، آئي او ايم ۽ يو ڪي ايڊ جي گڏيل سهڪار سان تعلقو لکي غلام شاهه جي ڳوٺن وانڍ، ڏھر ۽  ان جي آس پاس جي ٻين مختلف ڳوٺن جي 200 گهرن جي ماڻهن کي ٽينٽ ۽ ٻيو سامان ڏنو ويو ته جيئن هو پنهنجي گهر کي عارضي طور تي سردي کان محفوظ ڪري پنهنجي خاندان کي چوديواري ۾ ڪجهه محفوظ رکي سگهن، سنگي ڊويلپمنٽ فائونڊيشن جي صوبائي ڪوارڊينٽر غلام مصطفيٰ بلوچ ۽ ڪوارڊينٽر انور مھر ٻڌايو ته شڪارپور جي مختلف علائقن جي غريب فيمليز کي ٽينٽ ۽ ٻيو ضروري سامان ڏنو پيو وڃي، سنگي جي صابر خان ٻڌايو ته علائقي جي سروي ڪري انهن غريب گهراڻن جي خاندانن کي سامان ڏنو ويو جنهنجا گهر بارش ۽ سيلاب جي ڪري مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا آهن انهن کي هي سامان ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ خاص ڪري بيواهه عورتون، معذور ماڻهون ۽ اقليتي ونگ جا خاندان شامل هئا سامان جي ورهاست واري تقريب ۾ علائقي جي سماجي اڳواڻ بابو مھر پڻ شرڪت ڪئي ۽ برسات متاثرين ۾ سامان پڻ ورھايو جڏهن ته سنگي جي ٽيم ممبرن عبدالمنان، زين العابدين ۽ فرحان علي پڻ شرڪت ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں