ملير(ڊ.ر) ملير ۾قائم سڄي سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي عارضي رهائش ٽينٽ سٽي ۾ ميهڙ واسي غلام نبي سومرو کي گهربل علاج نه ٿيڻ سبب فوت ٿي ويو، ٻن هفتن دوران علاج جون سهولتون نه هجڻ سبب ٽينٽ سٽي ۾ رهائش پذير 5 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، تازو فوت ٿيل غلام نبي جي وارثن پاران لاش ميهڙ کڻي وڃڻ لاءِ سرڪاري سطح تي ايمبولنس ۽ بروقت علاج جون سهولتون نه ملڻ خلاف وارثن جو ايمبولنس نه ملڻ ۽ علاج نه ٿيڻ ڪري ٽينٽ سٽي آڏو ملير لنڪ روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو،ڌرڻي سبب قومي شاهراهه ۽ سپر هاءِ کي ملائيندڙ لنڪ روڊ مڪمل طور تي بند ٿي ويو ايندڙ ويندڙ ،گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون، فوتي غلام نبي سومرو جي وارثن احتجاج بعد ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته ٽينٽ سٽي ۾ سڄي سنڌ کان آيل ٻوڏ متاثرين بي يارومددگار بڻيل آهن، ڊي ايڇ او ملير ٽينٽ سٽي ۾ قائم طبي مرڪز فقط فوٽو سيشن جو مرڪز بڻيل آهي جڏهن به ڪو ڊونر يا غير ملڪي مددگار ٽينٽ سٽي جو دورو ڪري ٿو ته تنهن ڏينهن طبي مرڪز ۾ عملو ۽ دوائون فوٽو سيشن لاءِ رکيون وڃن ٿيون، جڏهن ته اسان کي روز مرا جي طبي امداد نه پئي ملي، ٻن هفتن دوران علاج جون سهولتون نه هجڻ ڪري ٽن ٻارڙن سميت 5 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، هوڏانهن ٽينٽ سٽي جو انتظام سنڀاليندڙ ضلعي ملير جي انتظام جي ترجمان حفيظ ناريجو ميڊيا کي ٻڌايو ته غلام نبي سومرو کي سرڪاري علاج تي جناح اسپتال موڪليو ويو هو جيڪواتي ڪجهه ڏينهن زير علاج هو سندس جيرو مڪمل طور تي ختم ٿي ويو هو جناح اسپتال انتظاميا لاعلاج قرار ڏئي واپس سرڪاري ايمبولنس ۾ ٽينٽ سٽي موڪليو جتي هو فوت ٿي ويو سندس وارثن جي مرضي مطابق سرڪاري خرچ تي ايمبولنس ۽ مالي امداد ڏئي ڳوٺ روانو ڪيو.
