نوابشاهه ۾ جست جو شفيع ڪرناڻي جي قاتلن کي آزاد ڪرڻ ۽ مڇرڪالوني واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو

نوابشاهه(ڊ ر) جيئي سنڌ تحريڪ جي اڳواڻ شفيع محمد ڪرناڻي جي قاتلن کي باعزت بري ڪرڻ ۽ ڪراچي جي مڇر ڪالوني ۾ ٻن سنڌي نوجوانن کي سرعام بيدرديءَ سان قتل ڪرڻ واري عمل خلاف جيئي سنڌ تحريڪ پاران چيئرمين شبير احمد جمالي، عبدالقيوم ابڙو، جسقم آريسر اڳواڻ سرمد ميراڻي، جسقم اڳواڻ علي رضا خاصخيلي، عنايت چانڊيو، سنڌو عنايت، فرحان کوسو، منير ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نواب شاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو چيو ته شھيد شفيع محمد ڪرناڻي جي قاتلن کي باعزت بري ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، ھنن چيو ته ھن ملڪ جون عدالتون ھاڻي رياست جون ونگاري بڻجي ويون آھن جن مان انصاف جي ڪابه اميد نٿي رکي سگهجي ڇو ته اھي صرف رياست جي اشاري تي پنھنجا فيصلا ٻڌائين ٿيون، ھنن چيو ته ڪراچي جي مڇر ڪالوني ۾ ٻن سنڌي نوجوانن جي قتل واري واقعي سڄي انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جهڪائي ڇڏيو آهي، سنڌ حڪومت شروع کان وٺي اقتدار جي لالچ ۾ ڌارين جي پٺڀرائي ڪري رهي آهي جنھن جي ڪري ھر روز ڪراچي ۾ سنڌي نوجوانن کي سرعام بيدرديءَ سان قتل ڪيو وڃي ٿو، ھنن چيو ته اسان ڪيترائي ڀيرا اھو مطالبو ڪيو آھي ته افغانين، بنگالين ۽ بھارين سميت ڌارين کي سنڌ نيڪالي ڏني وڃي ليڪن سنڌ جا حڪمران ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ بجاءِ انھن جي پٺڀرائي ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ڪراچي ۾ اڪثريت ڌاري آبادڪاري جي آهي جن کي فوري طور تي نيڪالي ڏني وڃي، ھنن مطالبو ڪيو ته نوجوانن جي قاتلن کي گرفتار ڪري انھن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں