نوشهروفيروز ( ڊ ر) ايم پي اي شھناز انصاري قتل ڪيس ۾ انصاف نه ملڻ خلاف وارثن پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو ڌرڻو ھنيو آھي. ڌرڻو صبح جو 10 وڳي ھنيو ويو جيڪو آخري اطلاعن تائين جاري ھو. ڌرڻي ۾ مقتول ايم پي اي جي نياڻي ڊاڪٽر فاطمہ انصاري سميت عورتون به شامل آھن جيڪي ”انصاف ناھي ڇو ڀلا، ڪربلا ڪربلا، جا اڀ ڏاريندڙ نعره ھڻي رھيون ھيون. مقتولا ايم پي اي جي نياڻي ڊاڪٽر فاطمه انصاري ڌرڻي دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فيصلي ۾ انصاف جون تقاضائون پوريون ناھن ڪيون ويون، مک جوابدار وقار کي 13 ڊي مان بري ڪري قتل ۾ سزا ڏني وئي آھي ته پوءِ جوابدار خون ڇا سان ڪيو. ھن چيو ته مک جوابدار کي 13 ڊي ڪيس مان بري ڪرڻ جو مقصد کيس اپيل ذريعي آزادي جو رستو ڏنو ويو آهي. ھن چيو ته فيصلي کي سومر تي سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪنداسين، ڇاڪاڻ ته اسان جي ماءُ جو خون بيگناھ لوڙھيو پيو وڃي. ھن چيو ته اسان پنھنجي ماءُ کي خون ۾ رڱيل کنيو ھو. اسان جا زخم اڃا تازا آھن. اسان سان ظلم جي انتھا ڪئي وئي آهي. ماءُ جي خون کي انصاف ڏيارڻ لاءِ جدوجھد جاري رھندي.
