پينشنرن کي سهولتون ڏيڻ وقت جي تقاضا

غلام حسين جوڻو
آئون اهڙي طبقي جي ماڻهن جو ذڪر ڪرڻ گهران ٿو. جن پنهنجي زندگي جو گهڻو حصو سرڪاري ملازمت ۾ گذاري ڇڏيو. ادارن کي مضبوط ڪيو. قوم ملڪ جي خدمت ڪئي. محنت ۽ جاکوڙ سان پنهنجا فرض نڀايا ۽ ايمانداري سان پنهنجيون ذميواريون پوريون ڪندا رهيا. جڏهن اهي ماڻهو سٺ سالن جي عمر تي پهتا ته کين پيرسن سمجهي ، پنهنجين ڊيوٽين تان فارغ ڪيو ويو ۽ کين چيو ويو ته باقي عمر جو حصو آرام ڪرڻ ۾ گذارين. رٽائرمينٽ کان پوءِ ، انهن جي صحت به ٺيڪ نه رهي آهي. جسماني لحاظ کان ڪمزور ۽ ضعيف ٿيندا پيا وڃن. کين ڪيتريون ئي بيماريون وڪوڙينديون پيون وڃن. سندن هٿ ۽ پير ڏڪي رهيا آهن. انهن مان ڪن جي اکين جي بينائي به گهٽجندي پئي وڃي. پيشاني تي گهنج اٿن جيڪي سندن پريشانيءَ جي نشاندهي ڪن ٿا. جنهن ڪري سندن تڪليفن ۽ اهنجن جو پتو پوي ٿو.
اڄ به ڪيترائي ادارا هلائڻ لاءِ اهڙن ماڻهن جي صلاحن ۽ مشورن جي ضرورت پوي ٿي ۽ انهن کان صلاح و مشورا وٺي ملڪ جي ڪار وهنوار کي هلايو پيو وڃي ۽ ملڪ کي ترقي وٺرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ڄاڻايل ملازم وري پنهنجن تجربن ۽ مشاهدن جي آڌار تي نيڪ صلاحون ڏيندا رهن ٿا. جن تي عمل ڪري ، اڳتي قدم وڌايو وڃي ٿو. مطلب ته اهي ادارا اڄ به سندن محتاج آهن. اها ٻئي ڳالهه آهي ته ، بد بختي سان ، ملڪ ۾ سياسي ڌرين هڻي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آهي. لٽ مار جو سلسلو جاري آهي. اهي سياسي اڳواڻ ملڪ جي ترقي جي راهه ۾ وڏي رنڊڪ ۽ رڪاوٽ آهن. جنهن ڪري اسان جو ملڪ ترقي ڪري ڪونه سگهيو آهي. پر، معاشي لحاظ کان ڪمزور کان ڪمزور ترين ٿيندو پيو وڃي. هاڻ ته اهڙو ماحول ٿي ويو آهي جو ڄاڻايل طبقي جي ڏنل صلاحن تي عمل ڪرڻ کان ڪيٻايو وڃي ٿو. روزانو پاليسيون ٺاهي تجربا ڪيا پيا وڃن. ناقص منصوبا بندين جي ڪري هر فيلڊ ۾ ڪامياب ڪونه ٿا وڃون.
اهي پوڙها ماڻهو هن سماج جو حصو آهن. ملڪ جي ڪار وهنوار جي جوڙ جڪ ۽ برابر جا شريڪ ۽ ڀاڱي ڀائيوار آهن. انهن جي سواءِ ، اسان جو معاشرو اڻ پورو ۽ نامڪمل آهي. سنڌريل قومون ، انهن پوڙهن ماڻهن جو قدر ۽ عزت ڪن ٿيون. کين پنهنجي ملڪ جو سرمايو ، اثاثو ۽ دولت سمجهن ٿيون. کين سهولتون ڏيڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪنديون رهن ٿيون ته جيئن کين ڪا تڪليف نه اچي ۽ ڪا پريشاني نه ٿئي. اهي احساس ڪمتري جو شڪار نه ٿين. کين طبي سهولتن سان گڏ ٻيون ضروري بنيادي سهولتون به ڏنيون وڃن ٿيون. ڪيترن ئي ملڪن ۾ ، ان ڏس ۾ باقاعده قانون سازي به ڪئي ويئي آهي ۽ ان قانون سازي تي عمل به ڪيو وڃي ٿو. اسلام ۾ به هر، هڪ ماڻهو کي پابند ڪيو ويو آهي ته هو پنهنجن وڏڙن ۽ پيرسن ماڻهن جو وڌ ۾ وڌ خيال رکي سندن خدمت ڪرڻ کي ترجيح ڏين.
پر، هتي اسان جي پياري ملڪ پاڪستان ۾ پوڙهن ماڻهن کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي. سندن ڪو به قدر ڪونه ٿو ڪيو وڃي. چند اهڙا پيرسن هوندا جن جي سار سنڀال سٺي نموني ڪئي وڃي ٿي. سندن هر ڏک ۽ تڪليف کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي هوندي. پر، اهڙن ماڻهن جي ٿورائي آهي. انهن جو ڪو گهڻو تعداد ڪونه آهي. باقي اڪثر پوڙها پنهنجو وقت انتهائي ڏکيائين سان گذاري رهيا آهن. اهڙن پيرسن ماڻهن جو تعداد تمام گهڻو آهي. اهي ڳاڻاٽي کان ٻاهر آهن. جيڪڏهن ان سلسلي ۾ سروي ڪئي وڃي ۽ صحيح رپورت مرتب ڪئي وڃي ته اصل انگ اکر ۽ تعداد جي خبر پئجي سگهي ٿي. پر، انهن جي ڊيٽا ڪليڪشن ڪونه ٿي ڪئي وڃي. جيڪڏهن ، حڪومت وٽ ڪا اهڙي رپورٽ هجي ته اها ٻئي ڳالهه آهي باقي اسان کي ان متعلق ڪا به ڄاڻ ۽ علم ڪونه اٿئون جو ، ان آڌار تي پنهنجو رايو ڏيون ۽ خيال ونڊي سگهون.
سرڪار سڳوري ، خود ڄاڻايل طبقي کي نظرانداز ڪري رهي آهي ۽ کين پريشان ڪرڻ جا رستا ۽ دڳ ڳولي رهي آهي ۽ روزانه نوان قانون ۽ قاعدا ٺاهيندي وتي. اهڙا قدم کنيا پيا وڃن جو ،اهي پيرسن ، بيمار ، معذور ۽ ضعيف ماڻهو وڌيڪ پريشان ٿين. رٽائرڊ ملازمن کي ماهوار پينشن بئنڪ جي ذريعي ملي ٿي. پينشن جي رقم سندن کاتي ۾ جمع ٿيڻ کان پوءِ چيڪ جي ذريعي حاصل ڪئي ويندي آهي. اها رقم وٺڻ لاءِ بئنڪن ۾ ڪا سولائي ڪونه ڪئي ويئي آهي. پر ڪيترن ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. خاص ڪري نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جي برانچن ۾ بايوميٽرڪ سسٽم رائج ڪيو ويو آهي. ان سسٽم موجب ، بيان ڪيل رٽائرڊ ملازمن جي سال ۾ ٻه دفعا بايو ميٽرڪ جي ذريعي تصديق ڪئي وڃي ٿي ته اهي زنده ۽ جيئرا آهن يا مورڳو هيءَ دنيا ڇڏي چڪا آهن. سندن پينشن ٻيو ڪو ماڻهو وٺي رهيو آهي. اهو هڪ سٺو عمل آهي. جنهن کان انڪار ڪونه اٿئون. اهڙي تصديق ٿيڻ کپي.
هاڻ حالت اها آهي جو ، ڪيترن ئي پوڙهن، پيرسن بزرگن جي آڱوٺن ۽ آڱرين جا نشان بايو ميٽرڪ مشين ۾ ظاهر ڪونه ٿا ٿين. سندن نشان عمر جي لحاظ کان ميٽجي ويا آهن. جنهن ڪري مذڪوره مشين ، اهڙن ملازمن جي تصديق نه ٿي ڪري سگهي. ان صورت ۾ رٽائرڊ ماڻهو ڏاڍو پريشان ٿين ٿا ۽ احساس ڪمتري جو شڪار ٿي رهيا آهن. انهن کي نادرا آفيس جا ڪيترائي چڪر ڪاٽڻا پون ٿا. ڪڏهن وري انهن کان دستاويز لکرايو وڃي ٿو يا ڪو سرٽيفڪيٽ ورتو وڃي ٿو. ڪڏهن وري فارم ڀري ڪنهن گزيٽيڊ آفيسر کان تصديق ڪرائي اهو فارم بئنڪ ۾ جمع ڪرائڻو پوي ٿو. تڏهن وڃي سندن چيڪ پاس ٿئي ٿو ۽ گهربل رقم ملي ٿي. بهرحال آڱوٺي يا آڱرين جا نشان بايو ميٽرڪ مشين ۾ نه اچڻ ڪري، پوڙهن ماڻهن کي وڏا ڪشالا ڪاٽڻا پون ٿا. محنت ۽ جاکوڙ ڪرڻي پوي ٿي. تڏهن سندن مسئلو حل ٿئي ٿو ۽ پينشن جي رقم وٺي پنهنجو گذر سفر ڪن ٿا.
مون کي چڱي طرح ياد ياد آهي ته ڪجهه وقت اڳ ۾ ريلوي جا رٽائرڊ ملازم ، لاهور ۾ ماهوار پينشن وٺڻ لاءِ ويا هئا. سخت سردي جي موسم هئي. بئنڪ عملو ، کين اجايو تنگ ڪري رهيو هو. جنهن تي انهن چيو ته اسان تي رحم ڪيو وڃي. پئسا ڏيو ته واپس وڃون ٻيهر هن سردي جي موسم ۾ ڪونه اچي سگهنداسون. تنهن هوندي به انهن تي لٺبازي ڪئي ويئي. اهو انتهائي ڏکوئيندڙ عمل هو. اهو نه رڳو هڪ هنڌ ايئن ڪيو ويو پر ، اهڙا کوڙ ننڍا وڏا واقعا ٿي گذريا آهن. جن جي تفصيل ۾ وڃبو ته هڪ وڏو مقالو لکجي ويندو. وڏو ڪتاب ٺهي ويندو. انهن اڻوڻندڙ واقعن تي نظر وجهجي ٿي ته ، انتهائي ڏک ٿئي ٿو ۽ حيرت به ٿئي ٿي ته ڄاڻايل طبقي سان اهڙو بيجاءَ ورتاءَ ڇو ٿو ڪيو وڃي؟ کين هر طرف کان نظرانداز ڇو ٿو ڪيو وڃي؟. ۽ انهن کي ڇو پريشان ڪيو پيو وڃي؟.
اها وقت جي تقاضا آهي ته ، ڄاڻايل طبقي کي بئنڪ ۾ جيڪا بايوميٽرڪ مشين ۾ آڱوٺي يا آڱرن جا نشان نه اچڻ مهل تڪليف ٿئي ٿي. کين نادرا آفيس جا چڪر ڪاٽڻا پون ٿا ۽ پريشاني کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ان طريقه ڪار ۾ تبديلي آڻڻ جي ضرورت آهي. ان جاءِ تي ڪو ٻيو طريقو اختيار ڪيو وڃي جنهن سان ڪنهن به رٽائرڊ ملازم کي پريشاني نه ٿئي. ان ڏس ۾ آئون اهو مشورو ڏيندس ته ، بيان ڪيل ملازمن جي تصديق گزيٽيڊ آفيسر کان ڪرائي وڃي يا ان آفيسر کان اهو ڪم ورتو وڃي جتان ، ملازم رٽائرمينٽ ورتي آهي. ان کان علاوه يونين ڪائونسل يا ٽائون ڪاميٽي جي آفيسن مان به اهڙي تصديق ڪرائي وڃي. ايئن ڪرڻ سان ڪافي سهولت ٿي ويندي ۽ رٽائرڊ ملازم پنهنجي ماهوار پينشن سولائي سان وٺي سگهندا. ان ڏس ۾ اهڙا قانون ٺاهيا وڃن جيڪي پيرسن جي پهچ ۾ هجن. اميد ته سرڪار سڳوري هن طرف ڌيان ڏيئي. هي مسئلو حل ڪندي ته پيشنرن جي مشڪل آسان ٿي ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں