ڪوٽڙي(ن س)ڪوٽڙي ڌاڳي جي ڪارخاني ۾ 12 ڪلاڪ جبري پورھيو وٺڻ ۽ نوڪرين تان برطرف ڪرڻ خلاف متاثر پورهيتن طرفان مل جي مک گيٽ آڏو احتجاج ڌرڻو. انتظاميا خلاف سخت نعريبازي، ڪوٽڙي جي نگينا ٽيڪسٽائل مل جي مزدورن برڪت چوهاڻ غوث بخش عباس چوهاڻ نويد قمبراڻي هدايت ﷲ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مل جي مک گيٽ اڳيان احتجاج ڪندي دانهيو آهي تہ تہ فيڪٽري انتظاميا 8 ڪلاڪن بجاء 12 ڪلاڪ جبري طور پورھيو وٺي رھي آھي ليبر لا جي قانون جي لتاڙ ٿي رهي آهي پر ڪير بہ نوٽيس نٿو وٺي حق سچ ڳالهائڻ جي ڏوھ ۾ بلاجوا پورھيتن کي بيدخل ڪري بيروزگار ڪيو ويو آهي سالياني بونس توڙي سروس بہ نٿي ڏني وڃي هنن چيو تہ 12 ڪلاڪ ڊيوٽي وٺڻ باوجود اجورو بہ گهٽ ڏنو وڃي ٿو هنن مطالبو ڪيو آهي تہ فيڪٽري انتظاميا پنهنجو فيصلو واپس وٺي ۽ ٻيهر 8 ڪلاڪ ڊيوٽي ورتي وڃي ۽ پورهيتن کي واپس نوڪرين تي بحال ڪيو وڃي. هنن ليبر کاتي انتظاميا ۽ اعلي اختيارن کان مطالبو ڪيو آهي تہ نگينہ مل ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن سان ٿيندڙ ظلم جو نوٽيس وٺي انصاف ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
