اسڪاٽ لينڊ يارڊ جي جاچ به منظور آهي، پر عمران خان کي ان جو حصو بنجڻو پوندو: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (بيورو) سُڌ سماءُ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت کي اسڪاٽ لينڊ جي جاچ به منظور آهي پر عمران خان کي جاچ جو حصو بنجڻو پوندو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته اوهان هر وقت ماڻهن کي بيوقوف نٿا بڻائي سگهو. عمران خان اوهان شهباز شريف، راڻا ثناءُالله ۽ سينئر آفيسر جا نالا کنيا پر اڃان تائين ان جا ثبوت پيش ناهن ڪيا ويا. سُڌ سماءُ واري وزير چيو ته شوڪت خانم اسپتال ۾ پوليس ۽ جاچ ڪندڙ ادارن کي وڃڻ نه پيو ڏنو وڃي. عمران خان قانون جي بجاءِ پنهنجي مرضي موجب ايف آءِ آر ڪٽرائڻ چاهي ٿو. پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته ڊاڪٽرن موجب عمران خان کي چار گوليون لڳيون، سندس ٽنگ جي هڏي به ڀڄي پئي آهي. ٿي سگهي ٿو هڪ آپريشن به ٿيو هجي، اڄ عمران خان کي ٽي وي ڏسندي اطمينان ٿيو. هن چيو ته عمران خان شوڪت خانم جا وسيلا پنهنجي سياست جي لاءِ اهڙي طرح استعمال ڪيا جهڙي طرح هن پرڏيهي فنڊنگ ذريعي مني لانڊرنگ ڪري خيرات جو پئسو پنهنجي سياست جي لاءِ استعمال ڪيو. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان پنهنجي ڪهاڻي 8 مارچ کان شروع ڪندو آهي جڏهن هن عدم اعتماد تحريڪ کي ناڪام بنائڻ ۽ پنهنجي اقتدار کي بچائڻ لاءِ آرمي چيف کي بند ڪمري ۾ تاحيات تاحيات مدي ۾ واڌ جي آڇ ڪئي. جڏهن ادارن فيصلو ڪيو ته پاڪستان جي سياست ۾ ادارن جي ڪابه مداخلت نه ٿيندي ته هي هاڻ انهن جي خلاف ٿي ويو آهي. عمران خان چوي ٿو ته مون کي خبر هئي ته منهنجي مٿان قاتلاڻو حملو ٿيندو. عمران خان ڪڏهن چوي ٿو ته چئن ماڻهن منهنجي خلاف سازش ڪئي پوءِ چوي ٿو ته چار نه 3 ماڻهو هئا. عمران خان کي جيڪڏهن خبر هئي ته سندس مٿان قاتلاڻي حملي جي سازش ٿي رهي آهي ته هن معصوم ماڻهن جي جانين جو نقصان ڇو ڪيو. پنجاب حڪومت کي ڇو نه ٻڌايو؟ مقتول معظم جا ٻار پنهنجي پيءُ جو رت ڪنهن جي هٿ تي ڳولين. هن چيو ته پنجاب جو وڏو وزير عمران خان جو، گهرو وزير عمران خان جو، پوليس به عمران خان جي، لانگ مارچ واقعو به پنجاب جي اندر ٿيو. جوابدار کي پنجاب پوليس گرفتار ڪيو. پنجاب پوليس جوابدار جو بيان رڪارڊ ڪرائي ميڊيا تي ريليز ڪيو. ان باوجود عمران خان چوي ٿو ته واقعي جي جاچ ان وقت تائين نٿي ٿي سگهي جيستائين 3 ماڻهو استعيفيٰ نه ڏين. واقعو پنجاب ۾ ٿئي ٿو ته جنهن جي ذميواري به پنجاب حڪومت مٿان آهي پر عمران خان استعيفيٰ اسان کان گهري رهيو آهي. مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته عمران خان مذهب جو ڪارڊ کيڏڻ کان پاسو ڪري هو ملڪ سان خطرناڪ راند کيڏي رهيو آهي جيڪو کڏو هي ٻين جي لاءِ کوٽي رهيو آهي ان ۾ پاڻ ڪرندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں