اعظم سواتي ۽ سندس زال جي غير اخلاقي وڊيو جاري، پي ٽي آءِ سينيٽر اوڇنگارون ڏئي روئي ڏنو

لاهور (م ڊ) پي ٽي آءِ سينيٽر اعظم سواتي پريس ڪانفرنس دوران رانڀاٽا ڪري روئي ڏنو، سندس چوڻ ھو ته نامعلوم نمبر تان منھنجي ۽ گهرواري جي پرائيويٽ وڊيو موڪلي وئي آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اڄ توهان کي ٻڌائڻ آيو آهيان ته اسان جو ملڪ ڪيترو اڳتي وڌي ويو آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ مون چيو ھو ته ڪڏهن به ڪرپشن ناهي ڪئي، منهنجي ڪا به غير اخلاقي وڊيو طاقتور حلقن وٽ نه هوندي، پر مان غلط ھئس. پريس ڪانفرنس دوران اعظم سواتي لڙڪ لاڙي ويٺو، هن چيو ته مونکي پاڻ سان ٿيل ورتاءُ پنهنجي قوم جي ڌيئرن ۽ ڀينرن سان شيئر ڪندي شرم اچي ٿو. هن دعويٰ ڪئي ته گذريل رات سندس زال کيس فون ڪري زور زور سان روئي رهي هئي ۽ سندس آواز ٻاهر نه پيو نڪري مون سمجهيو ته ڪنهن منهنجي پوٽي کي ماري ڇڏيو آهي، مون کانئن بار بار روئڻ جو سبب پڇيو پر هو ڪجهه به نه چئي سگهيا. اعظم سواتي موجب مون پنهنجي ڌيءَ کي آمريڪا فون ڪري چيو تھ پنھنجي ماءُ کان پُڇي تھ مسئلو ڇا آھي؟ ان تي منهنجي ڌيءَ ٻڌايو ته ڪنهن کيس اڻڄاتل نمبر تان اعتراض جوڳي وڊيو موڪلي آهي. اعظم سواتي جو چوڻ هو ته ان تي مون چيو ته 13 آڪٽوبر تي جڏهن مون کي کنڀيو ويو ته هنن منهنجي وڊيو ٺاهي ۽ اڄڪلهه جعلي وڊيو ٺاهڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں