بيلٽ يا بُليٽ: سياست ڏچي ۾

رياض ابڙو
وزيرآباد واري واقعي جي مذمت ته ڪجي پر اهو واقعو اتفاق سان جي سنڌ سرڪار يا سنڌ جي ڪنهن شهر ۾ ٿئي هان ته سڀ قوتون ان ڳالھ تي بضد هجن هان ته سنڌ سرڪار کي گهر موڪليو، صوبي ۾ گورنر راڄ هڻو، مارشلا هڻو، هي وزيراعلي ۽ سنڌ سرڪار ڪنهن ڪم جي ناهي، سيڪيورٽي تسلي بخش ناهي، هي حڪومت هڪ غيرسنجيده آ، هي حڪومت سياسي اڳواڻن جي جان جو تحفظ نه ٿي ڪري سگهي ان ڪري جيڪا به سرڪار اهڙي طرح ڪمزور هجي ته ان کي گهر موڪلڻ گهرجي، پر پنجاب ۾ ته پي ٽي آءِ جي سرڪار آهي پوءِ ان جو مطلب ته اها سرڪار ڪنهن ڪم جي ناهي ۽ چودري پرويزالاهي گهر ڀيڙو ٿيڻ گهرجي ۽ پنجاب جو وزيراعلي نااهل آ، ان ڪري چودري صاحب کي گهر موڪليو، اهو ڪنهن ڳالھ جي لائق ناهي ڇو ته پي ٽي آءِ جي صوبائي سرڪار پنهنجي اڳواڻ جو پنهنجي سرڪار ۾ به تحفظ ممڪن نه ڪري سگهي، پر لبرٽي چئونڪ کان لانگ مارچ شروعات ڪرڻ ان ڳالھ جي ثابتي هئي ته پارٽيءَ جون گرفتاريون گھٽ ٿينديون، لانگ مارچ کي قانوني تحفظ ملندو، ڪا به قانوني ڪاروائي نه ٿيندي، پر عمران خان جو لانگ مارچ ته وري ان سوڙهي گھٽيءَ ۾ ئي ڦاٿو جتان هاڻي نڪرڻ محال آ جو هي لانگ مارچ ڪنهن صورت هلي سگهي ان ڪري لانگ مارچ جي ٽنگ ۾ گولي لڳي پئي آ يا هاڻي لانگ مارچ جو ڊي چئونڪ تائين پهچڻ ڪنهن پلصراط کان گھٽ نه هوندو، ڇو ته ادارن سان ٽڪراءَ جي يا اسٽبلشمينٽ جي چاهت نه هجڻ جي ڪري لانگ مارچ هميشه جيان شارٽ ٿي وڃڻ گهربو هو سو ٿيو ۽ ان طريقي سان ڪارڪنن ۾ جوش ۽ جذبو به باقي نه رهيو.
ٻي حقيقت اها به آهي ته جان نثار ڪرڻ ۽ جان بچائڻ ٻه الڳ الڳ فلسفا آهن جيئن محترمه بينظير شهيد جي مٿان جان نثار ڪرڻ وارا ته گھڻا هيا پر اهي ان طريقي ٽرينڊ نه هيا ته اهي بي بي جي جان بچائي سگهن هان يا انٽيليجنس وارا ادارا ايترا الرٽ نه هيا (جي هيا به ته اهي پنهنجي حد تائين هيا) يا جان نثارن تائين ان ڳالھ جي کڻڪ به نه پڳي ته ان ڏينهن بي بي سان ڇا ٿيڻو هيو يا اهي انٽيلجنس ادارا خفيا طور ان ڳالھ جي پڪ ڪيون ويٺا هيا ته ان ڏينهن بي بي هرصورت شهيد ٿيندي، يا بي بي واري واقعي جي ان ٽائيم تي اختيارين کي ڪا شاهدي نه ملي توڻي جو جانچ واريون ٽيمون ٻاهرين ملڪن کان آيون به پر ڪو کڙتيل نه نڪتو، ۽ هي واحد واقعو آ جو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گولين جا کوکا به مليا، منٽ ۾ سڀ شاهديون به ملي به وين ۽ گرفتاريون به فورن ٿي ويون، ان ڪري هاڻي اها ڳالھ به سمجهي سگهجي ٿي ته اتي ڪو سنڌي ليڊر هجي هان ته شهيد به ٿي وڃي پر غيرسنڌي اڳواڻ ته لنڊن ڀڄي پاڻ بچائي به سگهن ٿا يا انهن تي حملا به ڪمزور صفت جا ٿي سگهن ٿا يا انهن جي نصيب ۾ شهادت نه ٿي هجي، يا اتي سلمان تاثير واري واقعي جي به ڳالھ ڪندا هلون جو ان کي به پنهنجي گارڊ گولي هڻي ماري وڌو هيو ان ڪري جو ان توهينِ رسالت ڪئي هئي يا هن ختمِ نبوتِ واري قانون کي ڪارو قانون چيو هيو يا ان جي انٽرپريٽيشن جيئن ممتازقادريءَ کي سمجھ ۾ آئي ان ڪئي ۽ قانون هٿ ۾ کڻي پنهنجي جنت کٽي هيلو ويو، پر هن ڀيري ساڳي جنت جي ڊوڙ ۾ شايد هي شوٽر (يا گُٿل سِنِپَرشُوٽر) ميدان ۾ لهي آيو هيو يا هٿ سا آندو ويو هيو ته جيئن قوم اندر احسان پيدا ڪري سگهجي، ڪورٽن جا ڪيس جهڪا ڪري سگهجن يا سافٽ ڪارنر پيدا ڪري سگهجي، بهرحال، پر لانگ مارچ جو اختتام ته خوني ٿيڻو هيو، ان ڪري جو خان پاڻ ان کي خوني ۽ رتوڇاڻ وارو قرار ڏنو هيو ۽ اٿندي ئي هن اها ڳالھ به ڪئي هئي ته هن جي جان کي خطرو آهي، ان ڪري شين جي ڪَڙِي ڪَڙَي سان ملندي آئي ۽ واقعي ئي لانگ مارچ خوني ثابت ٿيو جو لاهور ۾ هڪ خانگي ٽي وي چينل جي نمائنده عورت ڪنٽينر جي هيٺان چيڀاٽجي مارجي وئي ۽ اسٽيج تي بيٺي بيٺي عمران خان به گوليءَ جي نشاني تي اچي ويو، پر ان ڳالھ کي رانا ثناءُ الله نه ٿو مڃي يا نون ليگ جي سياسي بيانيي ۾ اهو به آهي ته خان کي گولي ناهي لڳي يا جي لڳي هيس ته هو ڪنهن سرڪاري اسپتال مان معاعنو ڪرائي هان يا انويسٽيگيشن جي رُول مطابق اهي ايف آءِ آر به ڪٽرائن هان يا ان ڳالھ جا ثبوت حڪومتي اختيارين وٽ گڏ ڪجن هان ته هوند ان ڳالھ جي پڪ ٿئي هان ته واقعي ئي گولي لڳي به آهي يا عمران خان شرڪ ۾ هيٺ ڪِري پيو هيو يا ڪنهن خوف ورايو هيس، بهرحال.
مذهبي شدت پسندي کي نندجي، پر خان ته پاڻ (نعوذ باالله) اهڙي دعوي ڪندو ٿو رهي ته ماڻهو هن جي ائين مدد ڪن جيئن نبين جي مدد ٿيندي رهندي هئي ۽ هن کي الله موڪليو آ ته تون پاڪستاني عوام تي وڃي نازل ٿيءُ ۽ انهن کي سياست سيکار انهن جي مشڪلاتن جا حل ڳولھ ۽ انهن جي اهنجن جي ڪا سار لَھُ، ان ڪري جو زرداري۽ نون ليگ وارا شهبازسرڪار جي شڪل ۾ ۽ 13 پارٽين سميت هن قوم تي وڏو عذابِ الاهي ٿي آيا آهن، ۽ تو جيڪي ساڍا ٽي سال گذاريا اهي تنهنجو ۽ قوم جو ٽرايل هيو، ان ڪري هاڻي تون پاڪستانين کي ماڊرن دين ۽ دنيا سيکار ۽ ائين ماڻهن کي اموشنل بليڪ ميل به ڪر، ۽ هاڻي پراڻا نعرا نه هڻ، ته نئون پاڪستان ٺاهنيدين يا ”آئي گا عمران بني گا نيا پاکستان“ به هاڻي گم ڪري ڇڏ ۽ اهو پي ٽي آءِ جو قومي گانو به نه ٿو وڄاءِ، ۽ هاڻي نوان سُرَ کڻي لَھُ ۽ قوم کي جاڳائي ڪا نئين راھ ڏيکارين، پر ان ٽارگيٽ شوٽر وانگي ته هي ته قوم کي گمراھ ٿو ڪري ان ڪري اسان ڪيئن مڃون ته جنهن اڳواڻ پنهنجي دور ۾ ڊينمارڪ سان ڪي اختلاف نه رکيا يا فرانس سان لڳاپا بحال رکندو آيو يا ناموس رسالت واري دعويدار مذهبي پارٽيءَ کي هن لاهور جي روڊن تي ڊوڙايو ۽ انهن جي ڪارڪن کي رياست سان ويڙهائي لاهور جي روڊن تي رتوڇاڻ ڪرائي ۽ هن اهو ثابت ڪيو هيو ته هي ڪنهن به صورت مذهبي پارٽي جو حامي ناهي يا مذهبي شدت نه ٿو چاهي ته پوءِ هاڻي آمريڪا سان ڪهڙي بهاني سينا ساهيندو جو جيڪو ملڪ فرانس ۽ ڊينمارڪ سان نه پڄي سگهيو، انهن ملڪن سان انهن تضحيڪ آميز، ٽوڪ ۽ ٺٺول وارن ڪارٽن تي نه ڳالهائي سگهيو يا اهي ڪارٽون نه روڪرائي سگهيو، ۽ اها ڪارٽونن واري ڳالھ او آءِ سي جي پليٽ فارم تي نه ڪري سگهيو، ڇو ته او آءِ سيءَ ۾ آمريڪا جا يار گھڻا آهن يا اتي فرانس ۽ ڊينمارڪ جي حمايت ۾ ٻيا اسلامي ملڪ به اٿي کڙا ٿي پون هان ۽ هن جي دعوي وري ٺلهي رهجي وڃي هان ان ڪري پنهنجي طاقت واري دور ۾ يا جڏهن هن وٽ عسڪري پٺ ڀرائي به هئي، جڏهن ڪورٽون هن جي ڳالھ ٻڌن پيون يا ڪورٽون هن جي ڳالھ تي ڪن لاٽار نه پيون ڪن تڏهن هي ڪجھ نه ڪري سگهيو ته اهو هاڻي ڇا ڪندو يا جي ڪجھ نه ٿو ڪري سگهي ته پوءِ مذهبي شيطان گيريءَ مان فائدو ڇاهي، ان ڪري جو اهي مزهبي پَڳون ڪنهن به سياسي پارٽيءَ جي مٿي تي ناهن، اهي بار مذهبي پارٽيون کڻي بيٺيون آهن، اهي ان ڳالھ جو پورائو به ڪري سگهن ٿيون ۽ اهي پنهنجي قول ۽ فعل ۾ ڪنهن حد تائين پورا به آهن (۽ هوندا به) ان ڪري ته اهي مزهبي اڳواڻ ڏاڙهيا (سونهاري وارا) به آهن اهي نيڪ نمازي به آهن، اهي دين تي پورا لٿل به آهن، اهي سڀ ڪجھ ڪن ۽ ڪري به سگهن ٿا، اهي آمريڪا کان منافرت واري مذهبي سياست ڪن ته ٺهن ٿا، اهي اسرائيل تي لعن طعن ڪن ته به جائز آ، اهي اسلامي اقدار ۽ طور طريقا کڻي اُڀرن ۽ هلن ته به هلي ٿا سگهن، ان ڪري اها ڳالھ روشن خيال سياسي پارٽين کي نه ٿي سونهين ته اهي مذهبي انتها پسنديءَ کي هوا ڏين يا ان کي ڪنهن به طريقي اڀارن يا ڪنهن اهڙي پليٽ فارم تي پنهنجي روشن خيال پارٽيءَ کي بيهارهن جيڪا انهن کي سُوٽ نه ڪري، ڀلا ڪيئن مڃون ته عمران خان ڪو مذهبي اڳواڻ يا مهندار به ٿي سگهي ٿو يا جيڪو مذهبي منافري ڦهلائي ٻين مذهبي پارٽين کي پوئتي ڇڏي ڏيندو ان ڪري جو هن جي آئوٽ لُڪ مان مذهب نه ٿو ڏِکي يا هي ڪنهن به طرح مذهب ۾ فٽ به ناهي يا هي ڀلي (ملٽي پَرپَز) پٺاڻن جي حمايت کڻي به پر سڄو ملڪ پي ٽي آءِ کي مذهبي جماعت نه ٿو سمجهي ته پوءِ هن ڀيري هن کي اهي نعرا ٺهن به نه ٿا ته هي اسلامي رياست جوڙيندو يا مذهبي شدت پسندي اختيار ڪري هي هاڻي ووٽ به وٺندو يا پنجاب ۾ جيڪا نفرت نون ليگ جي خلاف اڀري ٿي اهو پيار ٿي وري پي ٽي آءِ کي ملي ٿو پوي پر اها ڳالھ به هاڻي گھٽجي ويندي ان ڪري جو وزيرآباد واري واقعي ۾ ڪا حقيقت پسندي واري ڳالھ ناهي ۽ مذهبي شدت پسنديءَ کي ڀڙڪائڻ وارا پي ٽي آءِ وارا پاڻ ئي آهن، ان ڪري خان جي سياست ان جي متحمل ناهي ته هن دفعي هي ڪي نوان نعرا جوڙي ٺاهي ماڻهن کي بيوقوف ڪري يا عوام کي ”بيگ پائيپر“ وانگي ڪنهن اهڙي هنڌ اڇلائي يا ملڪ کي ڪنهن اهڙي بند گھٽيءَ ۾ ڦاسائي جتان وري موٽڻ محال هجي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں