حيدرآباد جي سٽي اسڪول جناح ڪئمپس ۾ ”سنڌي اردو ادبي ڪانفرنس“ منعقد ڪئي وئي

حيدرآباد ( پ ر) سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر اسحاق سميجي چيو آهي ته خانگي اسڪول سنڌيء سميت سمورين قديم، اصلوڪين ۽ ڌرتي ڌڻين جي ٻولين جا قبرستان بڻايا ويا آهن. انگريز هليا ويا، پر خانگي اسڪول انگريزي جي خدمت ۽ واڌ ويجهه ماءُ ٻولين کان به وڌيڪ پيا ڪن. والدين ۽ ٻارن جي ذهن سازي اهڙي ڪئي پئي وڃي، جو انھن کي لڳي ٿو ته انگريزي نه سکڻ وارا ماڻهو سماج ۾ عزت، اسٽيٽس ۽ ترقي حاصل نه ڪري سگهندا،جڏهن ته چيني، روسي، جاپاني، فرينچ، ترڪ ۽ ايراني به بنا انگريزيء جي عظيم ۽ ترقي يافته قومن ۾ شامل ٿي ويا. ان ڪري اصل معاملو پنھنجي ماءُ ٻوليءَ کي ڇڏڻ يا سکڻي انگريزي اچڻ جو ناهي، پنھنجي قابليت، معاشي حالت ۽ نئين دور جي حالتن موجب پنھنجا رويا سڌارڻ جو آهي. اهڙن خيالن جو اظھار هن سٽي اسڪول جناح ڪئمپس قاسم آباد حيدرآباد پاران سڏايل “سنڌي اردو ادبي ڪانفرنس“ کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته انگريزي دنيا ۾ مذهب وانگر ڦهلائي پئي وڃي، جيڪا سموريء دنيا جي ڪمزور ۽ پٺتي پيل ماڻهن جي ٻولين کي تيزيء سان کائي رهي آهي. هر سال دنيا ۾ 25 ٻوليون مري رهيون آهن، جيڪا افسوس نه پر صدمي جي ڳالهه آهي. اهو صدمو هڪ ڏينھن اسان جو به در کڙڪائي سگهي ٿو، ان ڪري اسان جي مائرن ۽ استادن کي پنھنجن ٻارڙن ۾ پنھنجن ابن ڏاڏن جي ٻولي لازمي طور منتقل ڪرڻي پوندي. اسان کي پنھنجي ٻولي ڳالهائيندي، لکندي ۽ پڙهندي ڪمتري ۽ شرمندگيء جي احساس مان نڪرڻو پوندو، ڇوته پيدا ٿيڻ شرط اسان جي ڪنن کي ٻولي جو تحفو ماءُ ڏيندي آهي ۽ ماء جي ڏنل ڪابه شئي ڪمتر ٿي نٿي سگهي. هن چيو ته انگريزيءَ سميت سموريون ٻوليون سکڻ ۾ مثبت عمل آهي، پر ٻار کان هڪ ٻولي کسي، ان کي ٻي ٻوليءَ جي نشي ۽ جنون ۾ مبتلا ڪرڻ عالمي ڏوهه آهي. هن چيو ته خانگي اسڪولن تي ٻار جو ثقافتي ورثي سان رشتو ٽوڙڻ ۽ اصلوڪين ٻولين سان خراب ورثاء جو ڪيس آهي، ڇوته اهي هن ڌرتيءَ جي ٻولين کي غير اهم سمجهي نظر انداز ڪندا آيا  آهن. ياد رکڻ گهرجي ته جڏهن ٻار پنھنجي ٻوليءَ سان رشتو ڳنڍي ٿو، تڏهن ئي هن کي بازار جي بريڊ ۽ ماءُ جي پچايل مانيءَ جي سواد ۽ خوشبوءَ وچ ۾ فرق جي خبر پوي ٿي. ڌاريون ٻوليون ٻارن جا مقامي ثقافتي تصور کائي ٿيون وڃن، ان ڪري فقط انگريزيء جي بيماري ۽ نشي مان نڪري سنڌي، سرائڪي، پنجابي، پشتو ويندي اردو ٻوليءَ کي به دفن ٿيڻ کان بچائڻو پوندو. ان موقعي تي ڊاڪٽر محمود مغل، مسرور احمد زئي، عشرت علي خان، زاهده ابڙو، ڊاڪٽر عابده صديقي، اسڪول جي پرنسيپال فوزيه بلوچ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. جڏهن ته اسڪول جي ٻارڙن سنڌي ۽ اردوءَ ۾ گيت پيش ڪيا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں