دادو: موتمار ڌمڪيون ملي رهيون آهن، تحفظ فراهم ڪيو وڃي: پروين رند

دادو (رپورٽ: علي گوھر سومرو) نوابشاهه يونيورسٽي جي شاگردياڻي پروين رند کي موتمارڌمڪيون ملڻ لڳيون، شاگردياڻي تحفظ لاءِ ايس ايس پي دادو وٽ پهچي وئي. متاثر شاگردياڻي پروين رند “سنڌ” اخبار سان ڳالھائيندي چيو تـ  جوابدار غلام مصطفيٰ راجپوت جي سپريم ڪورٽ مان ضمانت واري درخواست رد ٿيڻ بعد جوابدار موتمار ڌمڪيون ڏنيون آهن. جوابدار ڌمڪيون ڏيندي چيو آهي ته 7 تاريخ تي نوابشاهه جي عدالت ۾ رکيل ٻڌڻي تي اوهان نه پهچي سگهندئو، اڳ ئي اوهان کي مارينداسين. ايس ايس پي دادو حد جي پوليس کي شاگردياڻي پروين رند کي تحفظ فراهم ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں