سوڀوديرو ۾ پيرسن عورت جو پٽن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاج

سوڀوديرو(رپورٽ: حق نواز سولنگي) اڳڙا ٿاڻي جي حد پٺاڻو ڀرسان رھندڙ ضعيف عورت مامڪ خاتون دانھيندي چيو ته ھو سيٺارجا ڀرسان رھندڙ آهن ۽ برسات جي پاڻي ڪري ھولڏي پٺاڻي ويٺا آهن رات نامعلوم ٿاڻي جي موبائيل سندس پٽ شاھد علي شنباڻي ۽ شمن علي شنباڻي گرفتار ڪري ويا جن جون موبائيل فونون ۽ روڪ رقم پڻ کڻي ويا ۽ ھن وقت تائين سندن ڪو ڏس ڪو پتو ناهي. سوڀوديرو  اڳڙا ٿاڻي تان به سندن ڪو ڏس پتو ڪونه پيو ھن چيو سندس پٽن کي جان جو خطرو آهي ھن ايس ايس پي خيرپور کان گھر ڪئي ته سندس پٽ واپس ڏياريا وڃن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں