سڪرنڊ ( رپورٽ : حاجي عبد الله مگسي ) سنڌ حڪومت پاران 600 غريب مالوند ماڻھن کي سندن پالتو جانورن لاءِ مفت چارو ورهائڻ واري تقريب ڊاڪٽر ميڊم بختاور خالد ڪيريو جي ميزبانيءَ ۾ اينيمل ھيلٿ ايڪسٽينشن سينٽر مجيد ڪيريو ۾ ٿي گذري جنهن ۾ پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جي چيئرمين ايم پي اي غلام قادر چانڊيو مهمان خاص طور ۽ سينئر صحافي قاضي جاويد سنائي اعزازي مهمان طور شرڪت ڪئي تقريب ۾ مالوند ماڻھن ۾ هر هڪ مالوند کي چار ڳٺڙيون بُھَ جون ۽ ٻه ڳٺڙيون روڊ گراس جون ڪُل ڇھ ڳٺڙيون ڏنيون ويون ان موقعي تي غلام قادر چانڊيو ڳالهائيندي چيو ته تازين برساتن کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال ۽ مالوند ماڻھن جي پريشانين کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت پاران چارو ورهائڻ جو پروگرام رٿيو ويو آهي ان موقعي تي ڊاريڪٽر لائيو اسٽاڪ شهيد بينظير آباد ڊاڪٽر اعجاز لغاري ۽ ڊاڪٽر طارق نوراني ڳالهائيندي چيو ته صوبائي وزير عبدالباري پتافي ۽ سيڪريٽري تميزالدين کيڙو جن جي هدايتن تي تعلقي سڪرنڊ جي چئن يونين ڪائونسلز ۾ 600 مالوندن ۾ چارو ورهايو پيو وڃي جنهن ۾ يوسي مجيد ڪيريو ، يوسي ماروي ، يوسي ڀورا ۽ يوسي ماڙي جلباڻي شامل آهن پروگرام جو سهڪار رائيزنگ فائونڊيشن پاران ڪيو ويو ان موقعي تي ڊاڪٽر ارم ڪيريو ، ڊاڪٽر ڪنول سومرو ، ڊاڪٽر پروين لغاري پڻ موجود هيون جن مالوندن ۾ ترتيب وار چارو ورهائڻ جو اهتمام ڪيو ان کان اڳ تقريب جي آرگنائيزر محمد صالح ڪيريو پاران آيل مهمانن کي سنڌ جي ثقافت اجرڪون اوڍايون ويون پروگرام ۾ ڊاڪٽر عبدالطيف رند ، ڊاڪٽر نور احمد رتڙ ، ڊاڪٽر نويد حسن شر ، علي نواز ڪيريو ۽ ماڻڪ ملاح پڻ موجود هئا.
