ڄامشورو (رپورٽ: ربڏنو ابڙو) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي باڊي جو اجلاس پارٽي صدر سيد زين شاهه جي صدارت هيٺ ٿي گذريو، اجلاس ۾ عمران خان تي ٿيل حملي جي مذمت ڪئي وئي، ڪراچيءَ جي مڇر ڪالوني واري واقعي جي پڻ مذمت، ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ بحال ڪاري مارچ ڪرڻ جو اعلان، سائين جي ايم سيد سالگرهه ڀرپور نموني سن ۾ ملهائي ويندي. تفصيل موجب: سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي باڊي جو اجلاس مرڪزي صدر سيد زين شاهه جي صدارت هيٺ جي ايم سيد ايڊيفيس ڄامشورو تي ٿي گذريو، اجلاس ۾ روشن علي ٻرڙو، امير آزاد پنهور، اعجاز سامٽيو، جگديش آهوجا،امير علي ٿيٻو، خواجه نويد امين،مختيار احمد ميمڻ حافظ بخشل سيهڙو شرڪت ڪئي، اجلاس بعد پریس ڪانفرنس ڪندي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه جو چوڻ هو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان تي ٿيل حملي جي مذمت ڪيو ٿا واقعي جي تحقيق ڪرائي وڃي، پي ٽي آئي جي ٿيل احتجاجن تي لٺبازي جي پڻ مذمت ڪيون ٿا، سياست ۾ اگر تشدد وارو رستو اختيار ڪيو ويندو ته پرامن سياست ختم ٿي ويندي ۽ پرتشدد سياست شروع ٿي ويندي جنهن کان پوءِ سياست اهي ئي تنظيمون ڪري سگهنديون جن وٽ هٿياربند ونگ هونديون، هن چيو ته وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله جون پريس ڪانفرنسن مان لڳي ٿو ته هو امن ڪرائڻ نٿو چاهي، ملڪ اڳي ئي معاشي بحران ۾ آهي ملڪ ۾ تشدد واري سياست خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي، هن وڌيڪ چيو ته ڪراچيءَ جي مڇر ڪالوني ۾ ٻن سنڌي نوجوانن اسحاق پنهور ۽ ايمن جاويد کي بيدردي سان قتل ڪرڻ واري واقعي جي مذمت ڪيون ٿا، هزارين سان پراڻي جهالت کي دهرايو ويو آهي ان واقعي جو سبب پڻ غيرقانوني طور تي رهندڙ غير ملڪي آهن، غير ملڪن کي نه ڪڍڻ جي ڪري ڪڏهن حيدرآباد ۾ بلاول ڪاڪا کي ماريو ٿو وڃي ته ڪڏهن واري ڪراچيءَ ۾ سنڌين کي قتل ڪيو پيو وڃي، مڇر ڪالوني ۾ رهندڙ غير ملڪي اتي منشيات جو ڪاروبار پيا ڪن پر سنڌ حڪومت کي اهي نظر نه پيا اچن، حڪومت هي ڪيس پڻ ختم ڪرڻ پئي چاهي، ان واقعي تي جڏهن ڪراچيءَ ۾ احتجاج ڪيو ويو ته احتجاج ڪندڙن مٿان دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو، غير ملڪي افغانين، برمن ۽ بنگالن کي نيڪالي ڏني وڃي، ملڪ جي باڊرن کان هر روز هزارين پرڏيهي غير قانوني طور تي اچي ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ آباد ٿين پيا. سيد زين شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ ۾ ٻوڏن سبب ڏيڍ ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيا، 31 لک گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، لکين ايڪڙ زمينون تباهه ٿي ويون، ماڻهو دربدر ٿيا پر هن وقت تائين انهن جي بحاليءَ لاءِ ۽ پاڻي جي نيڪالي لاءِ ڪو نظام اسان کي نظر نه پيو اچي، اڃان به لکين ايڪڙ زمين پاڻي هيٺ آهي، وفاقي حڪومت جيڪو هارين لاءِ پئڪيج ڏنو آهي ان کي شفاف بڻاڻيو وڃي، زرعي ٽيڪس پڻ ٻن سالن لاءِ معطل ڪئي وڃي، زرعي جيڪي قرض آهن اهي پڻ معاف ڪيا وڃن ۽ بنا وياج جي ٻيا قرض ڏنا وڃن، ڪمند جون ملون جيڪي پهرين آڪٽوبر تي هڻليون هنيون اهي هن وقت تائين نه هلي سگهيون آهن ڇاڪاڻ ته ملون گهڻي ڀاڱي آصف زرداري جون آهن، جيڪڏهن ملون هلن ها ته هيئر آبادگارن وٽ ڪجهه ناڻو هجي ها، بلدياتي ناظم پڻ ترميم ڪئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ بحال ڪاري تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ٿي، جنهن جي پهرين مرحلي ۾ نومبر ۽ ڊسمبر ۾ پنجن ضلعن ميرپورخاص، دادو، نوابشاهه، خيرپور ۽ بدين ۾ بحال ڪاري مارچ ڪيا ويندا، سائين جي ايم سيد جي سالگرهه ڀرپور نموني سن م ملهائي ويندي، جنهن کان پوءِ ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ٻي مرحلي جو اعلان ڪيو ويندو.
