ماڙي پيٽروليم ڪمپنيءَ پاران ترقياتي منصوبي جو افتتاح ڪيو ويو

 گهوٽڪي(ڊ ) ماڙي پيٽروليم ڪمپنيءَ پاران ترقياتي منصوبي جو افتتاح ڪيو ويو آهي، ڏهرڪي شيل پمپ کان 6 نمبر تائين ڪارپيٽ روڊ تعمير ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ماڙي پيٽروليم ڪمپنيءَ پاران هڪ ٻي وڏي منصوبي جو افتتاح ڪندي 6 نمبر 17 نمبر تائين ڪارپيٽ روڊ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي انتظاميا موجب هن منصوبي تي ڪروڙين روپين جي بجيٽ منظور ڪئي وئي آهي، ان سان گڏوگڏ ماڙي پيٽروليم ڪمپنيءَ پاران سنڌ حڪومت کي 3 ارب روپيا علائقي جي ترقياتي منصوبن لاءِ ڏئي چڪي آهي، انتظاميه پاران پنهنجي موقف ۾ ٻڌايو ويو ته ترقياتي ڪمن سبب علائقي واسي خوش نظر اچي رهيا آهن، هنن جو چيو ته علائقي ۾ اڃان به ترقياتي منصوبن تي سندن ڪم جاري آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں