نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز جي عدالت پاران مقتول پ پ ايم پي اي جي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائڻ کانپوءِ پ پ ضلعي نوشهروفيروز جي قيادت جي رويي کان ناراض ٿي پ پ ليڊيز ونگ جي صدارت واري سيٽ تان استعيفا ڏيڻ واري فيصلي کانپوءِ پ پ ضلعي قيادت سينيٽر عاجز ڌامراهه جي اڳواڻي ۾ پ پ ضلعي صدر فيروز احمد جمالي , ضلعي جنرل سيڪريٽري سهيل اختر عباسي انصاري هائوس تي پهچي وئي. ڊاڪٽر فاطمه جي غير موجودگي ۾ سندس والد ڊاڪٽر حميد انصاري ۽ ٻين وارثن سان ملاقات ڪئي ۽ عدالت سڳوري جي فيصلي جي ججمينٽ سميت ڪيس جا سمورا ڪاغذات ورتا ۽ ساڻن هر فورم تي گڏ هجڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي ان موقعي تي سينيٽر عاجز ڌامراهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهيد شهناز انصاري اسان جي ڀيڻ هئي ۽ ڊاڪٽر فاطمه انصاري اسان جي نياڻي آهي ۽ اسان جو تعلقي فيملي جهڙو آهي عدالت سڳوري فيصلو ڏنو آهي پر ججمينٽ ۾ الاهي سارا جهول آهن فيصلي کي ضرور چيلينج ڪيو ويندو. پارٽي جي هاء ڪمان کان وٺي ورڪر تائين هن ڪيس ۾ ادي شهناز جي وارثن سان گڏ آهي ۽ مڪمل طور ڊاڪٽر فاطمه سان رابطي آهي ۽ رهندي. هن چيو ته ليڊيز ونگ جي صدارت تان استعيفا ڏيڻ کان به وڏو ڏک آهي سندس ماءُ جي ڪيس جو فيصلو اچڻ، سو به مشڪوڪ فيصلو اچڻ ڊاڪٽر فاطمه جو جذبات ۾ ڪيل فيصلو ضرور فيملي ميمبر کي ناراض ٿيڻ جو پورو حق آهي پر فاطمه انصاري ۽ سندس پوري فيملي ڪالهه به اسان سان گڏ هئي ۽ اڄ به گڏ آهي ايئن کي پارٽي به گڏ هئي ۽ رهندي شهيد شهناز انصاري جي وارثن کي عدالتن مان ئي انصاف ڏيارينداسين.
