ملير ۾ آئل ٽينڪر ايسوسئيشن جو گرفتار ڪري گم ڪيل ڊرائيور جي بازيابيءَ لاءِ احتجاجي مظاهرو

ملير(ڊ ر) هفتو اڳ شاهه لطيف پوليس هٿان گرفتار ٿيل ڊرائيور زاهد چانڊيو جي بازيابي لاءِ آئل ٽينڪر ايسوسيئشن۽ ڊرائيورن پاران ملير پريس ڪلب آڏو غلام محمد جوکيو، سيد رزاق شاهه، امتياز عمراڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، آئل ٽينڪر ايسوسئيشن جي اڳواڻن چيو ته هڪ هفتو اڳ آئل ٽينڪر ڊرائيور زاهد چانڊيو کي شاهه لطيف مان پوليس جي اٽالن گهر تي چڙهائي ڪري گرفتار ڪرڻ بعد گم ڪري ڇڏيو آهي، شاهه لطيف پوليس جو چوڻ آهي ته زاهد چانڊيو کي اسان گرفتار ناهي ڪيو آهي ان کانسواءِ ملير جي مختلف ٿاڻن تي پڻ ويا آهيون پر ڪنهن به ٿاڻي تي زاهد چانڊيو جي گرفتاري ظاهر نه پئي ڪئي وڃي، هنن چيو ته زاهد چانڊيو ڊرائيور آهي هو ڏوهاري قسم جو ماڻهو آهي ان ڪري آئل ٽينڪر ايسوسيئشن ان جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪيو آهي جيڪڏهن زاهد چانڊيو تي ڪوڪيس داخل آهي ته کيس ظاهر ڪيو وڃي، هنن چتاءِ ڏيندي چيو ته ٻن ڏينهن اندر زاهد چانڊيو کي پوليس ظاهر نه ڪيو ته آئل ٽينڪر ايسوسيئشن پاران پورٽ قاسم نيشنل هاءِ وي تي آئل ٽينڪر بيهاري سخت احتجاج ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں